English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سافڪو پاران پورو مهينو جشن آزادي ۽ يوم دفاع تقريبون ملهائڻ جو اعلان
views
|
06th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سليمان جي ابڙو جي صدارت ۾ اجلاس، پاڪستان کي ترقي پسند بنائڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جو عزم
حيدرآباد (پريس رليز) سافڪو گروپ پاران جشن آزادي ۽ يوم دفاع جون تقريبون پوري هڪ مهيني تائين ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو گذريل ڏينهن سافڪو گروپ جي باني ۽ سربراهه ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي گڏجاڻيءَ ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو پاڪستان جي آزاديءَ واري ڏينهن (14 آگسٽ) ۽ دفاع واري ڏينهن (6 سيپٽمبر) کي انهن ڏهاڙن جي اهميت، قومي اتحاد، قرباني ۽ فخر وارن ڏهاڙن طور اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان کي وڌيڪ پائيدار ۽ ترقي پسند ملڪ بنائڻ بابت اجتماعي ذميواريءَ تي زور ڀريو. سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته آزاديءَ کان وڌيڪ ڪا به نعمت ناهي. ترقي يافته قومن جي صف ۾ بيهڻ لاءِ سڀ کان پهريون شرط آزادي آهي ۽ خدا جو شڪر آهي ته اسان اڄ آزاد آهيون ۽ دنيا اندر پاڻ کي ترقي يافته قوم ثابت ڪرڻ واري سفر ۾ ڪاميابين سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن وقت ملڪي معاشي ۽ سلامتي واري بهتر صورتحال سبب پوري دنيا ۾ اسان کي وقار جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. سافڪو سپورٽ فائونڊيشن جي سي اِي او بشير احمد ابڙو ۽ سنڌ ايگريڪلچرل اينڊ فاريسٽري ورڪرز ڪوآرڊينيٽنگ آرگنائيزيشن جي مئنيجر مصطفيٰ راڄپر چيو ته سافڪو گروپ پنهنجي سهڪاري ادارن سان گڏجي لڳاتار پوري هڪ مهيني تائين جشن آزادي ۽ يوم دفاع وريون تقريبون ملهائيندو، جنهن سان قومي يڪجهتيءَ واري جذبي کي هٿي وٺرائي ويندي. گڏجاڻيءَ ۾ سافڪو جي ٽنهي ادارن سنڌ ايگريڪلچرل اينڊ فاريسٽري ورڪرس ڪوآرڊينيٽنگ آرگنائزيشن، سافڪو سپورٽ فائونڊيشن ۽ سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني جي انتظاميا ۽ ٻئي عملي شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
سافڪو گروپ
جشن آزادي ۽ يوم دفاع
0 تبصرے