English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ۾ سرڪاري رٿا تحت ڪروڙن انسانن جو روزگار کسيو ويو آھي: رياض چانڊيو
views
|
06th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
جيڪو پاڻي شاخن ۾ وهڻ کپي اهو سم نالن ۾ وهايو پيو وڃي جيئن ماڻھو معاشي طور تباه ٿي وڃن
شڪارپور ( احسان ابڙو) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته سنڌ ۾ سرڪاري رٿا تحت ڪروڙن انسانن جو روزگار کسيو ويو آھي هٿرادو طريقي سان پاڻي جي کوٽ ڏئي سڄي لاڙڪاڻو ڊويزن کان دادو تائين ايريگيشن کاتي مائينر ۽ شاخن جو پاڻي بند ڪري اهو پاڻي جيڪو شاخن ۾ وهڻ کپي اهو سم نالن ۾ وهايو پيو وڃي جيئن ماڻھو معاشي طور تباه ٿين درياھ جي کاٻي هٿ تي ڪپھ جو فصل 25% پوکجي سگهيو ڇو ته مارچ اپريل ۾ ان کي پاڻي نه ڏنو ويو هي سنڌ دشمني آھي ته سنڌ مان زرعي خاتمو ٿئي سنڌ جا ماڻھو عزت ڀرئي روزگار کان محروم ٿي وڃن اهڙي خيالن جو اظھار محاذ سربراه رياض علي چانڊيو شڪارپور ڊويزن جي تنظيمي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو رياض علي چانڊيو وڌيڪ چيو ته جن اعلائقن مان ڪوئلو تيل گئيس نڪري ٿو ان اعلائقن ۾ مقامي ماڻھن جي روزگار تي اڻ اعلانيل بندش آھي ڪراچي ڪوٽڙي نوري آباد جي صنعتي ادارن مان ڌرتي ڌڻين کان روزگار کسيا پيا وڃن انهن تي بندش وڌي پئي وڃي پيپلزپارٽي جي زريعي اسلام آباد ڦرلٽ جي نظام ۾ ايتري ته تيزي آندي آھي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کان وٺي ننڍين وڏين نوڪرين جي منڊي لڳل آھي لکين نوجوان جو مستقل اونداه ڪيو ويو آھي ملڪ اندر انصاف احتصاف ۽ جمهوريت ، فيڊريشن جي لفاضي ته ٿي رهي آھي پر ڪروڙين سنڌين مٿان ڀيانڪ ڏڪر مڙھيو ويو آھي سنڌ واسي سنڌ جي وسيلن پنهنجي زمين جي تحفظ ۽ انصاف ترقي جي حصول لاءِ شاھ لطيف ۽ جي ايم سيد جي پيغام جا وارث بڻجي ترقي ڪري سگهن ٿا ملڪي پارٽين ۽ حڪمرانن وٽ سنڌ جي تباهي جا منصوبا آھن اجلاس ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري غفارميرجت ڪمال مهر عمران منگي ڪامريڊ اسدالله سومرو نظير شيخ ۽ ٻين پاران خطاب ڪيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
رياض چانڊيو
شڪارپور
جيئي سنڌ محاذ چيئرمين
0 تبصرے