English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ضلعي ۾ مختلف حادثن ۽ واقعن دوران 4 انساني جانيون ضايه، ڪيترائي جوابدار گرفتار
views
|
08th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ورڪشاپ ۾ جهيڙو دوران فائرنگ ۾ ايس يو پي ضلعي صدر عمران خشڪ جو ڀاءُ اياز خشڪ مارجي ويو
ٺٽو (ڊ ر)ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ پوليس جي بروقت ۽ موثر ڪاررواين دوران منشيات، چوري، جهيڙي ۽ ٽرئفڪ حادثي سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ اهم اڳڀرائي حاصل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪيترائي جوابدار گرفتار، موٽرسائيڪل، منشيات ۽ ٽرڪ هٿ ڪري قانوني ڪارروائي به عمل ۾ آندي وئي آهي.انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس غلام نبي ميمن ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي هدايتن تي، ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪم تحت منشيات ۽ عادي ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.انهيءَ سلسلي ۾، ايس ايڇ او ٿاڻو ٺٽو، سب انسپيڪٽر مظفر علي خالدي پنهنجي ٽيم سان گڏ اوجهري مسجد لنڪ روڊ تي سنيپ چيڪنگ دوران ٻن گاڏين (ڪرولا ASW-651 ۽ آلٽو BRJ-251) مان 204 ڪلو گرام گٽڪو مٽيريل ۽ 300 پڙيون گٽڪو ماوا هٿ ڪري، عبدالمتين، محمد يوسف ۽ شهروز عرف شيري نالي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار ڪراچي جا رهواسي آهن. مٿن گٽڪو ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.هڪ ٻي ڪارروائيءَ ۾، ٺٽو پوليس کي اطلاع مليو ته درگاهه شاھ گوھر گنج جي احاطي مان سلطان ساٽي جي 2024 ماڊل CD 70 موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي آهي. ايس ايڇ او ٺٽو مظفر علي خالدي جي اڳواڻي ۾ پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي آگر محلو ٺٽو مان موٽرسائيڪل هٿ ڪري اصل مالڪ حوالي ڪري ڇڏي. سلطان ساٽي، ايس ايس پي ٺٽو ۽ پوليس ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو. ۽ ايس ايس پي پاران پوليس ٽيم کي شاباش ڏني وئي.مڪلي پوليس موجب، ورڪشاپ علائقي ۾ ڊبو گيم دوران خشڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ۽ فائرنگ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ايس يو پي ٺٽو ضلعي صدر عمران خشڪ جو ڀاءُ اياز خشڪ فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو.ايس ايس پي ٺٽو واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او مڪلي کي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم جاري ڪيو، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا آهن. آخري اطلاعن تائين سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن . ٺٽو پوليس مطابق، ٺٽو سجاول بائي پاس تي موٽرسائيڪل ۽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ بابا جعفر بروهي، ذوالفقار جاکرو ۽ عباس جاکرو فوت ٿي ويا. لاش پوليس جي نگرانيءَ ۾ سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيا ويا. پوليس فوري طور ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي، ڪلينڊر رضوان پتافي کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ڊرائيور جواد فرار ٿي ويو آهي. سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن ۽ قانوني ڪارروائي هلي رهي آهي. ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي پاران پوليس جي سمورين ڪاررواين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته ٺٽو پوليس منشيات، ڏوهن، جهيڙن ۽ غيرقانوني حرڪتن خلاف سخت ڪارروائيون جاري رکندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽي ضلعي ۾ مختلف حادثن
0 تبصرے