English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اويئر طرفان مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ويئي
41 views
|
08th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اويئر طرفان مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ويئي، ڊاڪٽرن توڙي ليڊي ڊاڪٽرن مريضن جي طبيعت چيڪ ڪندي ٽيسٽون ڪرڻ سميت مفت ۾ دائون ڏنيون ويون خبر موجب عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ عيسي منڱريو يوسي عطا محمد پلي ۾ سماجي تنظيم اويئر طرفان پي پي اي ايف جي سھڪار سان سڪيماتي مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ويئي جنھن ۾ ڳوٺاڻن، عورتن ۽ سماجي حلقن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مفت ميڊيڪل ڪئمپ دوران ڊاڪٽر عبدالرحيم، ڊاڪٽر رابيه، ڊاڪٽر مومل ۽ ٻين ڊاڪٽرن طرفان آيل مريضن کي چڪاس ڪندي مختلف بيمارين جي مريضن جون ٽيسٽون ڪيون ۽ انھن کي مفت ۾ دائون پڻ ڏنيون ويون مفت ميڊيڪل ڪئمپ ۾ سماجي تنظيم اويئر جي ٽيم مان مس نُصرت رجب علي، سچل، ۽ بابو سميت ٻيا شريڪ ٿيا جڏھن مفت ميڊيڪل ڪئمپ جي حوالي سان سماجي تنظيم اويئر جي ترجمان ٻڌايو ته هن ڪئمپ جي ذريعي واضح ٿيو آهي ته ديهي علائقن ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ خاص طور تي ٻارڙن ۽ عورتن لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي اسين سنڌ جي صحت کاتي، ضلعي انتظاميا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان گهر ڪيون ٿا ته هو ترت قدم کڻن ته جيئن اهڙن وسيلن کان محروم علائقن ۾ مستقل بنيادن تي طبي سهولتون ۽ خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ هي گڏيل ڪوشش صحت جي شعبي ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن جي ڀائيواري جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي ۽ ايويئر جي انهي عزم جي تصديق ڪري ٿي ته هو پٺتي پيل طبقي جي بهتر زندگي لاءِ جدوجهد جاري رکندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے