English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي نالي واري ليکڪ شاعر اديب ۽ صحافي شمشيرالحيدري جي 13هين ورسي ملهائي وئي
168 views
|
10th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ملير جي عهديدارن ۽ ميمبرن طرفان چوڪنڊي قبرستان پهچي شمشير الحيدري جي مزار تي حاضري
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابليس کي چئي ڇڏيو سجدي جي تياري ڪري, سنڌ جي نالي واري ليکڪ شاعر اديب ۽ صحافي شمشيرالحيدري جي 13هين ورسي، عوامي پريس ڪلب ملير جي عهديدارن ۽ ميمبرن طرفان چوڪنڊي قبرستان پهچي سندس مزار تي حاضري، گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري کيس سلامي پيش، اديب ۽ شاعر چندر ڪيسواڻي، اقبال ڪلمتي ۽ ٻيا موجود، تفصيل موجب ابليس کي چئي ڇڏيو سجدي جي تياري ڪري دنيا تي انا الحق جا اسرار کلن شايد سنڌ جي نالي واري ليکڪ شاعر اديب ۽ صحافي شمشيرالحيدري جي 13 ورسي جي موقعي تي عوامي پريس ڪلب ملير جي عهديدارن ۽ ميمبرن طرفان چوڪنڊي قبرستان پهچي سندس مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي سنڌ جي خوشحالي لاءِ دعا گهري کيس سلامي پيش ڪئي ان موقعي تي صحافين سميت اديب ۽ شاعر چندر ڪيسواڻي، اقبال ڪلمتي ۽ ٻيا موجود هئا جڏهن ته پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري سيد عنايت علي شاهه، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر شهنشاهه چارڻ شمشيرالحيدري جا بيت ٻڌايا ان موقعي سامي ميمڻ ، عنايت شاھ جامي ميمڻ عبدالرشيد مورجھريو ۽ ٻين چيو ته شمشير الحيدريءَ کي سندس خدمتن جي مڃتا ۾ ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن جن ۾ :پي ٽي وي ايوارڊ چار ڀيرا، پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل جا ٻه مڃتا اوارڊ ،سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران مڃتا شيلڊ ،مارئي دهلي مڃتا اوارڊ ،سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل ،ڪراچي پريس ڪلب پاران مڃتا اوارڊ ،سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان گولڊن جوبلي شيلڊ ۽ لائيف اچيومينٽ اوارڊ ،سنڌ اسيمبليءَ طرفان لائيف ٽائيم اچيومينٽ شيلڊ ،آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ طرفان مڃتا شيلڊ ،ثقافت کاتي سنڌ طرفان مڃتا شيلڊ ،سنڌ اطلاعات کاتي طرفان مڃتا اوارڊ ،ماهوار نئين زندگيءَ طرفان مڃتا اوارڊ ،اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان مڃتا شيلڊ ،شاهه لطيف اوارڊ( 2012 )،ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان مڃتا اوارڊ ،سنڌ مدرسي طرفان مڃتا اوارڊ ،ايراني ڪلچرل سينٽر اينڊ اڪيڊميءَ طرفان مڃتا اوارڊ ۽ پرائيڊ آف پرفارمنس اوارڊ سميت ڪيترائي اوارڊ شامل آهن ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ساڻس ادبي ميڙاڪو پڻ مچايو ويو شمشير الحيدريءَ جي زندگيءَ جي آخر ۾ اکين جي نظر ختم ٿي وئي هن 10 آگسٽ 2012ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي سندس تدفين ڪراچيءَ جي تاريخي قبرستان چوڪنڊيءَ ۾ تاجل بيوس جي قبر جي ڀر ۾ ڪئي وئي ان موقعي تي پريس ڪلب جي عهديدارن طرفان تجويز ڏني وئي ته 13 ڊسمبر تي سنڌ جي اديب ۽ شاعر تاجل بيوس جي ورسي چوڪنڊي قبرستان ۾ ملائي ويندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ جي نالي واري ليکڪ
اديب ۽ صحافي شمشيرالحيدري
0 تبصرے