English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ واڳن جي گھيري ۾ آھي، سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
12th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ واڳن جي گھيري ۾ آھي سنڌي ماڻهو پنهنجي درياھ، زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪن. سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويندو. سمنڊ ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعن کي مڪمل ڳڙڪائي ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڪرپشن، بدامني لاقانونيت ،ميرٽ جي لتاڙ ۽ منشيات پيپلز پارٽي جو ڏنل تحفو آهي، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ کي غلام بنائڻ لاءِ جھالت، غربت مسلط ڪري ڇڏي آھي سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني سنڌ جي ماڻھن کي فقير بنائي ڇڏيو آھي. نوڪرين، روزگار ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. ھاڻ اقتدار خاطر درياھ، زمينن ۽ وسيلن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سفارشي ۽ ڪرپشن ڪلچر اسان جي انفراسٽڪچر کي تباھ ڪيو آھن۔ وزيرن ۽ ايم پي اي، ايم اين اي جي ھٿ۾ ڪجھ ناھي. اڳتي وڌڻ جا 2 رستا تعليم ۽ سياست آھي. ڪرپٽ، دھشتگرد، انتھاپسند ۽ عوام دشمن جاگيردار سياست کي پنھنجن مفادن لاءِ استعمال ڪري رھيا آھن، وطن دوست، عوام دوست، علم دوست ۽ انسان دوست ماڻھو اڳتي اچي دو نمبر ماڻھن کان سياست جو ميدان ڦري وٺن. تعليم، صحت، ترقي، روزگار سميت ھر معاملو سياست سان جڙيل آھي. سنڌ جي بقا جو واحد رستو سياست ۽ تعليم آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
0 تبصرے