English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ضلعي ۾ ملڪ جو وڏو ونڊ ڪاريڊور هجڻ باوجود اتي بجلي جي شديد کوٽ آهي: صادق علي ميمڻ
193 views
|
17th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
اسلام آباد/ٺٽو(م ڊ+ شفيق ڀٽي) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٺٽو مان چونڊيل ايم اين اي ۽ پ پ پ ٺٽي ضلعي جي صدر صادق علي ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي اجتماعي مسئلن سان گڏوگڏ ضلعي ٺٽي جي حقن تي زبردست آواز اٿاريو. خطاب دوران صادق علي ميمڻ چيو ته ٺٽي ضلعي ۾ ملڪ جو وڏو ونڊ ڪاريڊور هجڻ باوجود اتي بجلي جي شديد کوٽ، لوڊشيڊنگ، ۽ عوام جي بدحاليءَ بابت ڪو به ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. هن وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ونڊ انرجي ڪمپنيون نه ته مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري رهيون آهن، نه ئي ضلعي ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪري رهيون آهن ۽ نه ئي CSR فنڊ ڏئي رهيون آهن، جيڪو سراسر ناانصافي آهي. ايم اين اي صادق علي ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري عالمي سطح تي پاڪستان جي حق ۾ راءِ عامه هموار ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رھيو آهي. ھن وڌيڪَ چيو ته اسان حڪومت جا اتحادي ضرور آهيون، پر سنڌ جو مينڊيٽ به رکون ٿا، هن بجيٽ ۾ سنڌ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت پنهنجا واعدا پورا نه ڪيا آهن. سنڌ جي يونيورسٽين کي واعدو ڪيل گرانٽ نہ پئي ڏني وڃي. ڪي فور رٿا لاءِ فنڊنگ محدود آهي. سکر موٽر وي لاءِ گھٽ بجيٽ رکي وئي آھي. ھن چيو ته سولر پينلن تان ٽيڪس ختم ڪيو وڃي. گھٽ ۾ گھٽ اجرت ۾ واڌ نه ڪرڻ سراسر زيادتي آهي، ان کي پنجاهه هزار رُپيا مقرر ڪيو وڃي. زراعت لاءِ به بجيٽ ۾ ڪا خاص سهائتا نه ڏني وئي آهي. ھن جو چوڻ ھو ته هن بجيٽ ۾ حاصل ڪيل ٽارگيٽن جو به ڪو ذڪر ٿيل نه آهي جيڪا سٺي روايت ناھي. صادق علي ميمڻ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت سنڌ جي مسئلن ۽ اعتراضن تي ڌيان نه ڏنو ته پ پ پ بجيٽ جي منظوري ۾ سهڪار نه ڪندي. واضح رهي ته ضلعي ٺٽو ۾ ملڪ جي وڏي ونڊ انرجی پيدا ڪندڙ علائقن مان هجڻ باوجود، مقامي عوام بنيادي سهولتن، روزگار، بجلي ۽ ترقي کان محروم آهي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
صادق علي ميمڻ
اسلام آباد
0 تبصرے