سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ۽ عورتن جي ڪردار ڪشي هڪ نئون سماجي زهر

ڊاڪٽر نسا رئيساني، شارجه

سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ۽ عورتن جي ڪردار ڪشي  هڪ نئون سماجي زهر

اڄ جي جديد دور ۾ سوشل ميڊيا جتي ماڻهن جي آواز بڻيل آهي، اتي ساڳي وقت ان جو غلط استعمال خاص طور تي عورتن لاءِ خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي۔ اظهار جي آزاديءَ جي نالي ۾ ڪيترائي ماڻهو عورتن جي شخصيت، عزت ۽ جدوجهد تي حملو ڪرڻ کي پنهنجو بنيادي حق سمجهن ٿا، جيڪو سراسر اخلاقي، قانوني ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي آهي۔
عورتن جي خلاف ڪردار ڪشي: هڪ منظم هتڪ
اهو رجحان رڳو هڪ فرد خلاف نه، پر سڄي عورت ذات خلاف هتڪ، بدنيتي ۽ دٻاءُ جو اوزار بڻجي ويو آهي۔ سوشل ميڊيا تي عورتن جي ذاتي تصويرن، نجي زندگيءَ ۽ سياسي سرگرمين کي بنياد بڻائي انهن جي خلاف بي بنياد الزام، طعن، تشهير ۽ بدسلوڪي سان ڀريل مهمون هلائڻ هڪ روزمره جي ڳالهه بڻجي وئي آهي۔
تازو وقتن ۾ سياسي ڪارڪن، قوم پرست ۽ باشعور نياڻي آرزو سنڌي خلاف هلندڙ منظم ڪردارڪشي جي مهم اهڙي بيهوده هئي، جيڪا نه فقط عورت هجڻ جي توهين هئي، پر سياسي جدوجهد، قومي شعور ۽ مزاحمتي آواز خلاف به بدترين ڪارروائي هئي۔ سوشل ميڊيا تي بي بنياد الزام، بدنيتي تي ٻڌل پوسٽون ۽ گندي زبان استعمال ڪندي آرزو سنڌيءَ جي عزت تي حملو ڪرڻ، هڪ منصوبا بند نفسياتي دهشتگردي هئي، جيڪا ڪنهن به سڄاڻ سماج لاءِ ناقابل قبول آهي۔
نتيجن جي گهراين تي سوچڻ کپي
اهڙيون مهمون عورتن کي سياسي ۽ سماجي ميدان کان ڌڪاري رهيون آهن نوجوان ڇوڪريون خوف ۽ شرمساريءَ جي ڪري اڳتي وڌڻ کان لنوائن ٿيون سچ ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريندڙ عورتن کي خاموش ڪرائڻ جي سازش آهي
ذميوار ڪير آهي؟
اهڙن عملن ۾ مڪتصر تعليم، بي ضمير صحافت، ۽ خاموش رياست برابر جي ذميوار آهي سوشل ميڊيا پليٽفارمز کي به پاڻ تي نظرثاني ڪرڻي پوندي ته اهي نفرت ڦهلائڻ وارن کي ڪيئن پناهه ڏيئي رهيا آهن
سائبر ڪرائم قانون تحت اهڙن ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گھرجي عورتن جي آن لائين تحفظ لاءِ سنجيده پاليسيون جوڙڻ گهرجن ميڊيا ادارن، سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي ادارن کي اڳتي اچي اهڙي ذلت آميز روين جي مذمت ڪرڻ گهرجي
سوشل ميڊيا اظهار جو ذريعو هجي، پر ڪنهن جي عزت، حرمت ۽ ڪردار تي حملو ڪرڻ جو ميدان نه بڻجڻ کپي۔ آرزو سنڌي خلاف ڪيل حملو فقط هڪ فرد خلاف نه، پر سڄي باشعور سنڌي عورت جي خلاف سازش آهي، جنهن جو جواب قلم، قانون ۽ اتحاد سان ئي ڏيڻ کپي۔