ولي الله، سرمد، عبدالغني ۽ جميل کي 14،14سال ٽيپ ۽ 10،10 لک ڏنڊ
سجاول (رپورٽر.)سجاول جي عدالت اجتماعي بدفعلي جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ڏوهارين کي 14/14 سال ٽيپ جي ۽ 10/10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج سجاول جي عدالت ڏوهارين. ولي الله. سرمد. عبدالغني ۽ جميل کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي. سزا مليل ڏوهارين تي سال 2023 ۾ نابالغ ڇوڪري جهانزيب قريشي سا اجتماعي زيادتي جو الزام هو. متاثر ڇوڪري جي ماء زينت جي مدعيت ۾ سجاول ٿاڻي تي داخل ڪيس نمبر58/2023 جي نتيجي ۾ عدالت سزا ٻڌائي. ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو تفتيشي آفيسر سب انسپيڪٽر نظر محمد جوکيو ۽ سرڪاري وڪيل منور علي دايو جي ڪرگردي جي واکاڻ ڪئي
0 تبصرے