شڪارپور ۾ رٽائرڊ استادن جو مطالبن جي مڃتاء لاءِ احتجاج

شڪارپور ۾ رٽائرڊ استادن جو مطالبن جي مڃتاء لاءِ احتجاج

شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور ۾ رٽائرڊ استادن جو مطالبن جي مڃتاء لاء احتجاجي مظاھرو, مرڪزي صدر ضمير خان جي حڪم تي سڄي سنڌ جيان شڪارپور ۾ بہ رٽائرڊ استادن احتجاجي مظاھرو ڪري حڪومت خلاف نعري بازي ڪئي,ان موقعي تي احتجاج ۾ خطاب ڪندي ضلعي صدر عبدالحميد ڀرچونڊ,مرڪزي وائيس چيئرمين غلام اڪبر, بشير احمد مھر, گلفام سمون, گلشير مھر, نياز سولنگي, عمران کوسو, سيد مراد علي شاھ سميت ٻين چيو تہ اسان جا جائز مطالبہ آھن,وفاقي سرڪار سميت ملڪ جي ٻين صوبن ۾ رٽائرڊ استادن کي پنھنجا حق ڏنا ويا آھن پر سنڌ سرڪار اسان کي پنھنجا حق نہ ٿي ڏي ھنن چيو تہ اسان جائز مطالبہ آھن جنھن ڊسپرنٽي الائونس ڏنو وڃي,100 سيڪڙو پنشن ۾ اضافو,گروپ انشورنس,بينوئل فنڊ,صحت ڪارڊ سميت سن ڪوٽا ڏيئي استادن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي,ھنن چيو تہ اسان ڪافي ڀيرا سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج ڪيا آھن, پر سنڌ سرڪار ٻڌڻ لاء تيار نہ آھي,ھڪ ملڪ ۾ الڳ الڳ قانون ھلي رھيا آھن,پنجاب, بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي پنھنجن رٽائرڊ ملازمن کي سمورا حق ڏيئي ڇڏيا آھن, پر سنڌ ۾ پ پ حڪومت الڳ قانون ٺاھيو آھي,ھنن وزيراعلي سنڌ سميت اعلي اختيارين کان گھر ڪئي تہ جلد اسان جا جائز مطالبہ منظور ڪري رٽائرڊ استادن سميت ملازمن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي, ٻي صورت ۾. احتجاجي تحريڪ جاري رھندي رٽائرڊ استادن جي احتجاج ۾ وڏي انگ ۾ استادن ۽ ٻين رٽائرڊ ملازمن شرڪت ڪري حڪومت خلاف نعري بازي ڪئي..