English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
views
|
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير، ميمن ڳوٺ، گڏاپ، درساڻو ڇنو، گھگھر پپري، سومار ڳوٺ، عمر ماروي ڳوٺ ۽ سعود آباد سميت ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري رهيو، جنهن سبب شهر جو نظام زندگي مفلوج ٿي ويو آهي. ملير، ميمن ڳوٺ، گڏاپ، درساڻو ڇنو، گھگھر پپري، سومار ڳوٺ، عمر ماروي ڳوٺ ۽ سعود آباد سميت ڪيترائي هيٺاهين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، گهٽيون ۽ روڊ تلاءَ جو منظر پيش ڪرڻ لڳا.مسلسل برسات سبب ڪيترن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، جڏهن ته اهم شاهراهن تي ٽريفڪ جام ۽ پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري آمد و رفت سخت متاثر ٿي. ضلعي انتظاميا رين ايمرجنسي لاڳو ڪري ريسڪيو ٽيمون متحرڪ ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. تعليمي ادارا بند رهيا ۽ هوائي اڏن تي اڏامن جو شيڊول به متاثر ٿيو. انتظاميا جو چوڻ آهي ته برسات متاثر شهرين لاءِ هيلپ لائينون فعال ڪيون ويون آهن ۽ نيڪاسيءَ لاءِ هنگامي قدم کنيا پيا وڃن. ساڳئي وقت ملير جي علائقي درساڻو ڇنو ڀرسان سکن ندي ۾ آٺ ماڻهو ڦاسي پيا. برسات کان پوءِ ندي ۾ تيز وهڪرن ۽ طغياني سبب صورتحال سنگين ٿي وئي. اکين شاهدن موجب اطلاع ڏيڻ باوجود سرڪاري ريسڪيو ٽيم وقت تي نه پهتي، جڏهن ته مقامي ماڻهن رسين ۽ ڪاٺين جي مدد سان پنهنجي مدد پاڻ تحت متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو. ان کانسواءِ سومار ڳوٺ ۾ بادل نالي ۾ ٻه مينهون ڪري مري ويون. . عوامي حلقن انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته هنگامي حالتن ۾ فوري ريسڪيو رسپانس کي يقيني بڻايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ڪراچي ۾
برسات جو سلسلو
0 تبصرے