عمرڪوٽ ۾ ھيومن پاپيلوما وائرس کان بچاءَ بابت ويڪسين لڳائڻ جي حوالي سان اجلاس

عمرڪوٽ ۾ ھيومن پاپيلوما وائرس کان بچاءَ بابت ويڪسين لڳائڻ جي حوالي سان اجلاس

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ھيومن پاپيلوما وائرس کان بچاءَ بابت ويڪسين لڳائڻ جي حوالي سان آگاهي مهم ھلائڻ جي حوالي سان ھڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو، تفصيل خبر موجب ھيومن پاپيلوما وائرس (HPV) کان بچاءَ بابت ويڪسين مهم جي حوالي سان ھڪ اھم گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار ھال ۾ منعقد ڪئي وئي، اجلاس ۾ صحت کاتي جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد علي، پوليو جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، پي پي ايڇ آءِ جي انچارج ڊاڪٽر شرف الدين ميمڻ، سول اسپتال عمرڪوٽ جي ايم ايس ڊاڪٽر فريد احمد، تعليم کاتي جي ٽي او راڻو مل، سماجي ڀلائي کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نور محمد شيخ، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس، حساس ادارن جا نمائندا، اطلاعات کاتو، ڊبليو ايچ او جي ڊاڪٽر درگا شنڪر، ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب منگريو، سول سوسائٽي، اين جي اوز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ھيومن پاپيلوما وائرس ھڪ خطرناڪ وائرس آھي، جيڪو عورتن ۾ سروائڪل ڪينسر جو وڏو سبب بڻجي ٿو، ھن چيو ته ھن وائرس کان بچڻ لاءِ ويڪسين تمام ضروري آھي، ھن ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي کي ھدايت ڪندي چيو ته ھن مهم کي ڪامياب ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ هڪ مربوط حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، ھن وڌيڪ چيو ته اسڪولن ۾ پروگرام منعقد ڪيا وڃن ۽ اين جي اوز جي مدد سان عوامي سطح تي وڏي آگاهي مهم ھلائي وڃي، ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد علي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ھي مهم صحت کاتو سنڌ ۽ عالمي ادارو صحت (WHO) جي تعاون سان ھلي رهي آھي، جن جو مقصد 9 کان 14 سالن جي ڇوڪرين کي HPV کان محفوظ رکڻ آھي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسڪولن، ڪاليجن ۽ ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ آگاھي مهم ھلائي ويندي ۽ ھن مهم کي 100 سيڪڙو ڪامياب بڻايو ويندو، ان موقعي تي ڊاڪٽر محمد علي وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي عمرڪوٽ ۾ 85446 ڇوڪرين کي ويڪسين لڳائڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آھي، جن مان 20000 ڇوڪريون اسڪولن ۾ داخل آھن ۽ باقي عام آباديءَ مان تعلق رکن ٿيون، جن کي پڻ ويڪسين لڳائي ويندي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ پاران اجلاس ۾ موجود سمورن آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته ماءُ جي صحت جو خيال رکڻ اسان سڀني جي اخلاقي ذميواري آهي، هن چيو ته (HPV) ويڪسين جي تمام وڏي اهميت آهي ان ڪري ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن ۽ ڏنل حدف کي حاصل ڪيو وڃي، ان موقعي تي صحت کاتي جا ڊاڪٽر، سماجي تنظيم ھينيڊز جي امام بخش خاصخيلي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود ھئا.