عمرڪوٽ (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ محروم الحرام جي انتظامن جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار ھال ۾ منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي اجلاس ۾ چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، پاڪستان رينجرز سنڌ قاسم ونگ نيوڇور جي ڪرنل عمران، پاڪستان آرمي ڇور ڪينٽ جي ميجر محمد جھانگير، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، ايڪسي اين حيسڪو امتياز ميمڻ، پي پي ايڇ آئي ڊي ايم شرف الدين ميمڻ، حساس ادارن، چيف ميونسپل آفيسر ضلع ڪائونسل امتياز هاليپوٽو، سيد سجاد علي شاھ سي ايم او عمرڪوٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر، ايس ڊي او ايريگيشن، ايس ڊي او پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، مختلف مڪتبہ فڪر جي علماء اڪرم، ٽائون آفيسرن سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال، جلوسن ۽ مجالسن جي روٽس، صفائي، صحت جون سهولتون، روشنيءَ جا انتظام، پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو تہ محروم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا، ھن چيو ته ھر سال وانگر هن سال بہ محرم الحرام انتھائي عقيدت و احترام سان ملهايو ويندو، هن پوليس، رينجرز، صحت، ميونسپل ڪميٽي، حيسڪو ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون تہ هو پنهنجن پنهنجن کاتن پاران بهترين سهولتون مهيا ڪن تہ جيئن يوم عاشوراء تي منتظمين کي ڪا بہ تڪليف پيش نہ اچي، ھن ميونسپل ڪميٽي جي سي ايم او کي خصوصي هدايتون ڏيندي چيو تہ محروم الحرام دوران منتظمين کي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻايو وڃي، ان موقعي تي ھن ڊي ايڇ او عمرڪوٽ کي ھدايت ڪندي چيو تہ 9 نائين ۽ 10 ڏھين محرم الحرام دوران جلوس سان گڏ ڊاڪٽرن جي ٽيم سان گڏ ايمبولينس سروس کي يقيني بڻايو وڃي، ان موقعي تي ھن ايڪسي اين حيسڪو کي ھدايت ڪندي چيو تہ محروم الحرام جي دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ کي ختم ڪيو وڃي بالخصوص مجلسن جي وقت بجلي جي لوڊشيڊنگ جو خاص خيال رکيو وڃي، ان موقعي تي ھن چيو تہ محروم الحرام دوران ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ھڪ ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي، ڪو بہ منتظمين جاري ڪيل ڪنٽرول روم جي نمبرن 0238920019/20 0238920060/59 تي محروم الحرام جي حوالي سان پنھنجي ڪا به شڪايت نوٽ ڪرائي سگھن ٿا، ان موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ محروم الحرام دوران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، ھن چيو تہ سمورا منتظمين پنھنجي مجلسن جو شيڊول ايس ايس پي آفيس ۾ جمع ڪرائين، ھن چيو ته محروم الحرام دوران 1120 پوليس اهلڪار پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا، ان موقعي تي اجلاس ۾ تعلقہ ۽ يوسي سطح جي آفيسرن، عمرڪوٽ جي مختلف امام بارگاهن جا منتظمين پڻ موجود هئا.
0 تبصرے