جڏهن سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌ ٻري رهي هئي ته هڪ سازش تحت ماڻهن کي هڪ هنڌ ويهاريو ويو: اياز لطيف پليجو

جڏهن سنڌ دشمن منصوبن خلاف سنڌ ٻري رهي هئي ته هڪ سازش تحت ماڻهن کي هڪ هنڌ ويهاريو ويو: اياز لطيف پليجو

مقصودو رند : قومي عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ پاران مقصودو رند ۾ ڪينالن جي مستقل خاتمي، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو،محمود رخشاڻي،صدام کوسو، امداد چنا، حضور بخش ڏاھري، ھادي بخش کوسو، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ زاھده ڏاھري. ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن پنجٽن پاڪ پيٽرول پمپ کان پيادل مارچ شروع ڪيو ويو جيڪو شھر جي مختلف روڊن تان ٿيندو حسيني چوڪ وٽ پھتو جتي جلسي عام ۾ تبديل ٿي ويو، پيادل مارچ ۾ عورتن وڏي تعداد شرڪت. ان موقعي تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي نٿي چاھيو تہ ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجھد ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ پکڙجي، اتي ھر روز ٿيندڙ احتجاجن سان ماڻھن ۾ ھنن خلاف شديد نفرت پي پيدا ٿي، ان سان ھنن جا تڪ، ڪاروبار، ڪرپٽ ڌنڌا ۽ ووٽ ٿي خراب ٿيا، ان ڪري ھنن پلان ٺاھيو تہ سنڌي ماڻھو، سڄي سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ شاندار احتجاج اڌ ۾ ڇڏي،محدود ٿي،ڪنھن بہ ھڪ ھنڌ وڃي ويھي رھن ۽ آخر ۾ اتي آساني سان مينيج ٿي وڃن. پوءِ سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي اٽڪلون ڪري سڄي سنڌ کي ٺڳي سان گڏ ڪري ٻٻرلوء باء پاس تي ويهاري ڇڏيائون، ھي سنڌ سان دوکو ڪيو ويو ھو، ڪاميابي ناھي، احتجاج تيسين جاري رکبو جيسين صدر ۽ وزير اعظم گڏجي ڪينالز منصوبي جي خاتمي جو اعلان نٿا ڪن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌين کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، جيئن سنڌي ٺڳجڻ لاء تيار آهن، جيئن سنڌي پنهنجي سسي اڏي تي رکيو انتظار ۾ آهن تہ تلوار اچي مونکي ڪپي جيڪڏهن سنڌين جي اها سادگي رهي تہ سنڌين جو حشر بہ غزا جهڙو ٿيندو، جيڪو ايران ۾ پيو ٿئي سنڌ جي ماڻهن جو اهو حشر ٿيندو. پيپلز پارٽي کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪا بہ دلچسپي ناهي ھو سنڌي ماڻهن جي نسل ڪشي ڪرڻ چاھين ٿا.اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارپوٽريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر ھزارين ايڪڙ زمين ڌاڙين ماڻهن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي وطن ۾ اقليت م تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سنڌي ماڻهن کي ديوار سان نہ لڳايو ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران ۽ پيپلزپارٽي کي سنڌي ڏٺي نٿا وڻن سنڌين مان سخت بيزار آهن ھنن جو وس پھچي سنڌي ھجن ائين نہ،پيپلزپارٽي سنڌ کي ويران حويلي بڻائڻ چاهي ٿي جنهن ۾ ست ڪڙور سنڌي ھجن ائين نہ رڳو زمين، درياھ، ڪوئلو، پيٽرول، گئس سمنڊ ماربل ھجي جنهن کي اسان مالي غنيمت سمجهي لٽيون ڦڙيون پر بدقسمتي سان سنڌي آھن ست ڪڙور تنھن ڪري پيپلزپارٽي ۽ وفاقي حڪومت لوھ ٿي وئي آهي ست ڪڙور سنڌين کي ڪيڏانهن ڪن تنھن ڪري انهن لاءِ سازشون ۽ اٽڪلون ڪن پيا سنڌين کي ڪير دسي سگھندو ست ڪڙور سنڌي ھنن جي خطرناڪ سازشن کي پر امن جدوجهد ذريعي ناڪام بڻائيندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌيو ھڪ دفعو ٻيهر ميدان تي نڪرو، ناٽڪن کي ٿڏي ڇڏيو، سازشن کي رد ڪري ڇڏيو، جدوجهد جو ھڪڙو طريقو آهي رستن، گھٽين، مين روڊن تي مسلسل ھلندا رھو ڪنهن بہ ڊرامي ڪنهن بہ ھٿ ناٽ جو شڪار نہ ٿيو ڪنهن بہ ڪوڙي خوشخبري کي چيڪ ڪرڻ کانسواءِ ان جي پويان نہ لڳو حڪومت جي ھڪڙي ٽيم گڏجي حڪومت جي ٻئي ٽيم سان ڳالھيون ڪري سنڌين کي ٻڌائين پيون توهان جو مسئلو حل ٿي ويو آهي ٻئي ڌريون ھنيون حڪومت جون انھن ٻنهي گڏجي ڪيو. سنڌ حڪومت شريڪ آھي سنڌ جي پاڻي جي ڌاڙي ۾ تنهنجي ڪري ٻئي اسان جا مخالف آهن، سنڌ جا ويري آهن. اياز لطيف پليجي تہ سنڌ کي ايٿوپيا بنجڻ نه ڏينداسين. وفاق حڪومت درياھ، تيل، گئس، بندرگاھ ۽ ٻين وسيلن جي بدلي سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي حڪمرانن جو قوم ۽ وطن سان ڪو تعلق ناھي. درياھ ۽ سنڌ تي ڪا بہ سوديبازي قبول نہ ڪئي ويندي. حڪمرانن سمجھي ڇڏين تہ 7 ڪروڙ سنڌين لاءِ ھي جياپي جي جنگ آھي، ڊگھي جنگ آھي، جيستائين ھڪ بہ سنڌي زندھ آھي، تيستائين پنھنجي درياھ، پنھنجي زمين ۽ وسيلن لاءِ جدوجھد جاري رھندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن سنڌ کي ديوار سان لڳائي دراصل پاڪستان کي ديوار سان لڳائي ڇڏيو آھي. سنڌ کي اھڙي جمھوريت نہ گھرجي جيڪا سنڌ جي وسيلن تي ھلي ۽ سنڌ جا ماڻھو غربت ۽ بدحالي جو شڪار ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي برابري واري جمھوريت گھرجي. سنڌ جا وسيلا سنڌ جي ماڻھن جي ملڪيت آھن. بندرگاھ، تيل، گئس، ڪوئلو، ڪارونجھر، ڪئنجھر، منڇر، گورک، سنڌو درياھ سميت سمورا وسيلا قدرت ماءُ جي نعمت آھن، 70 سالن کان انھن جي ڦرلٽ ٿي رھي آھي، ھٿرادو غربت ۽ بدحالي مڙھي سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمران ھوش کان ڪم وٺن. موجوده حڪمرانن جون پاليسيون پاڪستان کي ورھائي رھيون آھن. ملڪ ۾ انتشار پکيڙي رھيون آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ رد ڪري زمينن جي واپسي جو ۽ وفاق ڪينالن جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. سنڌ ان کانسواءِ ڪا بہ ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي. قدرت ماءُ تيل، گئس، ڪوئلي سميت انيڪ دولت سان سنڌ کي مالا مال ڪيو آھي پر پيپلز پارٽي اقتدار خريد ڪرڻ لاء ھميشه سنڌ جا وسيلا وڪرو ڪيا آھن، جنھنڪري سنڌ ۾ بک، بدحالي، بيڊگورننس، ڪرپشن، نوڪريون ۽ ڊگرين جو وڪرو آھي. تباھ ۽ بربادي جي ڪري سڄي سنڌ ۾ لاوا پچي رھيا آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ تاريخ جي بدترين ٺڳن جي ور چڙهي وئي آهي،شھباز شريف، زرداري، مريم نواز توهان اسان سنڌين جو پاڻي کسيندا، اسان پاڻي تي جنگ ڪنداسين پاڻي روڪڻ جو منصوبو ٺاهي پاڪستان جي ڪک ۾ خنجر پيا هڻو سنڌ ڪو والاريل علائقو آهي ڇا؟ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي سزا پيا ڏيو ڇا. سنڌ کي ريگستان بڻائڻ ملڪ ۽ 25 ڪروڙ پاڪستانين سان دشمني آهي سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو برداشت نہ ڪنداسين قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ محمود رخشاڻي خطاب ڪندي چيو تہ پاڻي زندگي آھي. سنڌو درياھ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر بنائڻ واري سازش برداشت نہ ڪئي ويندي. پاڻي لاء جدوجھد زندگي ۽ بقا جي جدوجهد آهي آصف علي زرداري،پيپلزپارٽي۽ پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ چاھين ٿا وفاقي حڪومت ۽ ڪرپٽ سنڌ جا حڪمران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن. ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ پاڻي نہ ڇڏڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ساحلي پٽي وارا ضلعا ٺٽو، سجاول ۽ بدين وڌيڪ ڀڙڀانگ ٿي ويا آهن ساحلي پٽي جا ھزارين ماڻھو دربدر واري زندگي گذاري رهيا آهن خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا. قومي عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي صدر صدام کوسو خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا ۽ سنڌ حڪومت خاموش آھي ۽ پنجاب سان گڏجي سنڌ جو پاڻي چوري ڪرائي رھي آھي. درياھ قتل ٿيڻ سان ڪروڙين زندگيون تھذيبون موت جو گرھ بنجي وڃن سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نہ ڪنداسين. سنڌو درياھ تي نوان ڪئنالن جو منصوبو رد ڪريون ٿا.چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند تي ويندو. جنهن سنڌ تباھ ۽ برباد ٿي ويندي پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر زاھده ڏاھري خطاب ڪندي چيو تہ چيو تہ سنڌو درياھ تي نئين انداز سان لڳندڙ ڌاڙي تي سنڌ جو عوام خاموش ڪون ويندو. سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجو درياھ بچائڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچن. پنجاب جي 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. زرداري پاڻي تي ڌاڙي ۾ سھولتڪار آھي. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ جي ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي بہ نہ ملندو. پاڻي جو معاملو رڳو آبادگارن جو ناھي. پاڻي جو معاملو زندگي جو معاملو آھي. ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪروڙين ماڻھن، پکين ۽ جانورن کي اڃ مارڻ جي سازش ٿي رھي آھي. سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حضور بخش ڏاھري خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ اسان جي ھزارين سالن جي تھذيب آھي. سنڌيو پنھنجي دادلي درياھ جي مالڪي ڪيو. چولستان سميت 6 ڪئنال ٺھي ويا تہ لکين ماڻھو بک ۽ اڃ وگھي مري ويندا. آصف زرداري ۽ ٻين وزيرن پنھنجون ملڪيتون ٻاھرين ملڪن ۾ ٺاھي ڇڏيون آھن. حڪمرانن کي سنڌي ماڻھن جي پرواھ ناھي. ڪوئي فڪر ناھي.قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن سنڌي ماڻھن کي جاڳائي رھيا آھن تہ درياھ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو. ڪنھن بہ صورت ۾ درياھ تي ڌاڙيل ڪئنال ٺاھڻ نہ ڏينداسين.