ٺٽو: قومپرست اڳواڻن ۽ ڪوهستان واسين پاران جهمپير کان ڊي سي آفيس تائين ريلي ۽ ڌرڻو

ٺٽو: قومپرست اڳواڻن ۽ ڪوهستان واسين پاران جهمپير کان ڊي سي آفيس تائين ريلي ۽ ڌرڻو

ٺٽو (شفيق ڀٽي)قومپرست ڪارڪنن ۽ ڪوهستان واسين جو مسئلن جي حل لاء جهمپير کان ريلي ڪڍي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ٺٽو آڏو ڌرڻو نعره بازي ڪئيجسقم جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام به ڌرڻي ۾ پهچي اڳواڻي ڪئي جسقم جهمپير جي صدر اسد گوپانگ رشيد درس سلطان شورو احمد سولنگي مالڪ بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قومپرست ڪارڪنن ۽ جهمپير جي ڪوهستان واسين جهمپير کان احتجاجي ريلي ڪڍي مڪلي پهچي ڊي سي آفيس ٺٽو اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهياڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جھمپير سميت ڪوهستان جي مقامي ماڻهن کي روزگار جي حق کان محروم رکيو ويو آهي جهمپير ۽ آس پاس جي ڪوهستاني ڳوٺن ۾ ونڊ پاور ڪمپنين طرفان سي ايس آر فنڊ تحت ڪي به بنيادي زندگي جون سهولتون مقامي ڳوٺن کي ميسر نه ٿي رهيون آهيڪوهستان ۾ 25 کان مٿي قائم ونڊمل ڪمپنين جي انتظاميه مقامي ماڻهن لاء روزگار جا در بند ڪري ڇڏيا آهن سي ايس آر فنڊ تحت مقامي ڳوٺاڻن کي بجلي تعليم ،صحت ۽ روڊ رستن جون سهولتون به ڪوهستان واسين کي سندن بنيادي حق ڏيارڻ لاء هي ڌرڻو هنيو ويو آهي هنن گهر ڪئي ته ڪوهستان واسين کي بنيادي سهوليتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ونڊمل ڪمپنين جي انتظاميه کي سي ايس آر فنڊ تحت ڪوهستان ۾ هڪ ايمرجنسي ايمبولينس پاڻي صحت تعليم بجلي روڊ رستن جي سهوليت جي فراهمي لاء پابند بڻايو وڃي