عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ سي آءِ اي پوليس خفيه اطلاع تي ڪارروائي ڪندي منشيات فروشن جي خلاف وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي، پوليس ڀاناڻو لنڪ روڊ نور واه ڀرسان ڇاپو هڻي هڪ ڄڻي ارشد نهڙي کي هڪ ڪلو پنج گرام چرس ۽ موٽرسائيڪل سميت گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب گرفتار جوابدار ارشد نهڙي عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آئيس ۽ چرس وڪرو ڪرڻ جي غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث هو، پوليس وڌيڪَ ٻڌايو ته جوابدار خلاف اڳ به منشيات جي ڪيسن جا رڪارڊ موجود آهن، هن ڪارروائي بعد جوابدار خلاف تعلقي ٿاڻي تي سنڌ ڪنٽرول آف نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي، سي آءِ اي پوليس عوام کي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته منشيات فروشن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون ۽ ڪنهن به ڏوهاريءَ سان ڪو به رعايت نه ڪئي ويندي.
0 تبصرے