شڪارپور ۾ ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي حوالي سان اجلاس

شڪارپور ۾ ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي حوالي سان اجلاس

شڪارپور ( احسان ابڙو) ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي حفاظتي انتظامن جي مناسبت سان امام بارگاهن جي متولين ۽ منتظمين سان اهم اجلاس ٿيو۔ اجلاس ۾ شريڪ سڀني امام بارگاهن جي متولين، منتظمين ۽ اسٽيڪ هولڊرن گڏيل حفاظتي قدمن، خدشن ۽ لائحه عمل بابت ايس ايس پي شڪارپور کي آگاهي ڏني عاشوري جي ڏهاڙن ۾ مجلسن ۽عزادار جلوسن دؤران رضاڪار شڪارپور پوليس سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهندا۔ وفد جي بريفنگ ايس ايس پي شڪارپور محرم الحرام بابت موجود مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي ڏسڻ لاءِ انچارج ڊي آءِ بي کي بروقت ھدايتون پڻ جاري ڪيون. يوم عاشور کي هر لحاظ سان محفوظ ۽ پرامن بڻائڻ شڪارپور پوليس جي اولين ترجيح آهي۔ ايس ايس پي شڪارپور گذريل وقتن ۾ محرم الحرام دوران شيعہ مڪتب فڪر ۽ پوليس وچ ۾ مثالي سهڪار رهيو آهي۔ ايس ايس پي شڪارپورجلوسن ۽ مجلسن جي سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي نگراني ڪئي ويندي۔ ايس ايس پي شڪارپورمحرم الحرام جي ڪانٽي جنسي پلان تي مڪمل عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو۔ ايس ايس پي شڪارپور سڀني مجلسن جي هنڌن، جلوسن جي روٽن ۽ ٻين اجتماع وارن هنڌن تي موجود فهرستن مطابق سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو۔ ايس ايس پي شڪارپورفورٿ شيڊول لسٽ تي قانون مطابق عملدرآمد ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏبي۔ ايس ايس پي شڪارپورتوھان کي اپيل آھي ته ڪنهن به شرپسندي جو شڪار نه ٿيو، قانون مطابق پوليس سان ڀرپور سهڪار ڪيو۔ ايس ايس پي شڪارپورامن امان کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن تي سخت نظر رکي ويندي۔ ايس ايس پي شڪارپورسڀني مسجدن ۽ امام بارگاهن تي حفاظتي قدم انتهائي مؤثر ۽ هم آهنگ بڻايا پيا وڃن۔ ايس ايس پي شڪارپورمحرم الحرام جي ڪنٽجنسي پلان مطابق عاشوري جي ڏهاڙن دؤران ۽ رات دير سان واپس ويندڙ شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو۔ ايس ايس پي شڪارپوراجلاس ۾ شريڪ متولين ۽ منتظمين سيڪيورٽي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي هر ممڪن تعاون ۽ سپورٽ جي خاطري ڪرائي اجلاس جي آخر ۾ گڏجي دعا ڪئي وئي ته محرم الحرام جا ڏينهن خير و عافيت سان گذرن، ملڪ پاڪستان ۽ اسان سڀني جي سلامتي قائم رهي