ملير: ڪورنگي ويجهو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ فل فراءِ ڪيل ٽن ڄڻن جي وارثن جو ڌرڻو

ملير: ڪورنگي ويجهو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ فل فراءِ ڪيل ٽن ڄڻن جي وارثن جو ڌرڻو

ملير (عبدالرشيد مورجھريو)ڪورنگي جي علائقي هاشم گبول ڳوٺ مان مبينا طور تي پوليس هٿان گرفتار ڪيل ٽن نوجوانن کي جعلي مقابلي ۾ مارڻ خلاف گبول برادري سميت مختلف برادرين جا ماڻهون احتجاج ڪندا رستن تي نڪري آيا، رزاق آباد جي مين چورنگي کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين ريلي ڪڍي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊز هئا، جعلي مقابلن ۾ قتل عام بند ڪيو، بيگناهن کي انصاف ڏيو، ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا، پوليس اسان جي 3نوجوان کي بيگناه قتل ڪيو آھي اگر ڪو الزام هو ته عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها پوليس پنهنجي عدالت قائم ڪري ڇڏي آھي آئي جي سنڌ ڊي جي رينجرز ڊي آئي جي ايسٽ ۽ اعلي اختياريون پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪن وهاب گبول اقبال ڪلمتي ۽ ٻين جون ميڊيا سان ڳالھيون تفصيل موجب ڪورنگي شريف آباد ٿاڻي جي پوليس پاران هاشم گبول ڳوٺ جي ٽن نوجوانن رحيم گبول جميل گبول اختر گبول کي گرفتار ڪر مبينا جعلي مقابلي ۾ قتل ڪرڻ خلاف گبول برادري سميت مختلف برادرين جا معززين وهاب گبول مشتاق گبول اقبال ڪلمتي نبي بخش شيخ سليمان شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندا رستن تي نڪري آيا رزاق آباد چوڪ کان ريلي ڪڍي عوامي پريس ڪلب ملير پهتا جتي هنن احتجاجي مظاھرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو ڏنو مظاھرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا هو جعلي مقابلن ۾ قتل عام بند ڪيو واقع جي شفاف جانچ ڪيو بيگناهن سان انصاف ڪيو ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس بنا ڪنهن قانوني ڪارروائي جي ٽن نوجوانن کي گرفتار ڪري، جعلي مقابلي جي آڙ ۾ قتل ڪري ڇڏيو آھي جيڪڏهن مٿن ڪو الزام هيو ته عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها پوليس ته ڄڻ ته پنهنجي عدالت قائم ڪري ڇڏي آهي جيڪا سراسر غيرقانوني ۽ غيرانساني آهي اڳواڻن چيو ته پوليس جي اهڙي روش، جتي بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو، معاشري لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي چڪي آهي انهن وڌيڪ چيو ته صرف هاشم گبول ڳوٺ جو نه، پر ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن مان ماڻهن کي گرفتار ڪري، عدالتن ۾ پيش ڪرڻ بجاءِ جعلي مقابلن ۾ مارڻ وارن واقعن ۾ واڌ اچي رهي آهي، جيڪا انتظاميه جي خاموشي سبب وڌي رهي آهي اهڙي صورتحال عوامي بيچيني ۽ عدم تحفظ جو سبب بڻجي رهي آهي مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته هو واقعي جو نوٽيس وٺن، شفاف جاچ ڪرائين، ۽ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي کي يقيني بڻائن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن جو تدارڪ ٿي سگهي