جتوئي ڀائر مورو واقعي جي ٻن ڪيسن ۾ نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش

جتوئي ڀائر مورو واقعي جي ٻن ڪيسن ۾ نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش

نوشهروفيروز(ڊ ر) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ نيشنل پيپلز پارٽي جي چيئرمين غلام مرتضى جتوئي ۽ صوبائي صدر مسرور خان جتوئي جي دهشتگردي جي عدالت (اي ٽي سي) ۾ ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ پيش ٿيڻ واري ڏينھن تي نوشهروفيروز شهر ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظامات ڪيا ويا رات دير سان ئي سانگهڙ نوابشاه نوشهروفيروز ۽ دادو ضلعن جي سوين پوليس اهلڪارن کي شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي مقرر ڪيو ويو. اي ٽي سي ڪورٽ ڏانهن ايندڙ ويندڙ سمورا رستا مڪمل طور سيل ڪيا ويا، جن رستن تي سول اسپتال، پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر ۽ ميڊيڪل اسٽور به واقع آهن سيڪيورٽي جي نالي تي پوليس اهلڪارن نه صرف عوام کي انهن رستن تان واپس موٽايو، پر ايمرجنسي جي حالت ۾ اسپتال ويندڙ مريضن کي به اجازت نه ڏني وئي. ڪيترائي مريض ايمبولينس ۽ نجي گاڏين ۾ تڙپندا رهيا، جڏهن ته ڪيترن ئي ميڊيڪل اسٽورن کي زبردستي بند ڪرايو ويو. شهر ۾ ڪرفيو جهڙو ماحول صبح جو 7 وڳي کان تقريبن پنج ڪلاڪن تائين جاري رھيو دهشتگردي جي عدالت جي جج سيڪيورٽي جي صورتحال کي ڏسندي ٻنهي ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ نئين تاريخون مقرر ڪيون. هڪ ڪيس جي ايندڙ تاريخ 28 جون، جڏهن ته ٻئي جي 6 جولاءِ مقرر ڪئي وئي شهر جي ماڻهن پاران سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته هي رياستي انتها پسندي آهي جتي عام ماڻهو، خاص ڪري مريض، حڪمرانن جي سياست جو شڪار بڻجي ويا. شهرين جو چوڻ هو حڪمرانن کي انهن جي تڪليفن جو ڪو به احساس ناهي، ۽ اڄوڪو ڏينهن نوشهروفيروز جي تاريخ ۾ بدترين انتظامي ڏينهن طور ياد ڪيو ويندو.