عمرڪوٽ ۾ ڊسٽرڪٽ ويجيلنس ڪميٽي جو اھم اجلاس ٿي گذريو

عمرڪوٽ ۾ ڊسٽرڪٽ ويجيلنس ڪميٽي جو اھم اجلاس ٿي گذريو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊسٽرڪٽ ويجيلنس ڪميٽي (ڊسٽرڪٽ اينٽي ٽريفڪنگ ۽ اينٽي بانڊڊ ليبر ڪميٽي) جو ھڪ اھم اجلاس ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاهري جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار هال ۾ منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاهري چيو ته انساني اسمگلنگ ۽ غلامي جي رجحانن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي، هن چيو ته سمورن غير رجسٽرڊ سرن جي بٺن جو دورو ڪيو وڃي ۽ انهن جي رجسٽريشن ڪرائي وڃي، جيڪڏهن بندي مزدوري يا انساني اسمگلنگ جا ثبوت سامهون اچن ته انهن کي لاڳاپيل کاتن وٽ رپورٽ ڪيو وڃي، ان موقعي تي هن سمورن آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته عوام ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي ۽ غلامي توڙي انساني اسمگلنگ جي خلاف جاڳرتا لاءِ مختلف مهمون هلايون وڃن ۽ سيمينارز پڻ منعقد ڪيا وڃن، ان موقعي تي اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو ۽ پتھورو سنجي ڪمار، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، پوليس کاتي جي ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور جٽ، ويمن ڊولپمينٽ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر طارق احمد، سوشل ويلفيئر کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر نور محمد شيخ، ليبر کاتي جي آفيسر گلزار احمد، اطلاعات کاتي، سماجي تنظيم سامي فائونڊيشن جي سي اي او غلام مصطفى کوسو، سماجي تنظيم سيو دي لائف فائونڊيشن جي ڪنيا موهن لال، سماجي تنظيم اسپارڪ جي نمائندن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.