نينگري جي والد ڊاڪٽر اعجاز ميمڻ جي فرياد تي ذوالفقار سيال، مظهر چانڊيو ۽ ٻن اڻسڃاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل
ھالا(رپورٽر) هالا جي طالب المولا ڪالوني مان گزريل رات مبينا اغوا ٿيندڙ ڊاڪٽر اعجاز جي نوجوان ڌئ ارادت بتول عرف عشب ميمڻ جي اغوا جو ڪيس ٻن سڃاتلن سميت چئن جوابدارن مٿان ھالا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، نوجوان ناري جي اغوا جو ڪيس ذوالفقار سيال، مظھر چانڊيو ۽ ٻہ نامعلوم جوابدارن مٿان ھالا ٿاڻي تي ناري جي پئ ڏندن جي ڊاڪٽر اعجاز ميمڻ جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آھي، هٿياربندن گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي کانئن 3 موبائيل فون ڦر ڪندي 15 سالا نوجوان ناري ارادت بتول عرف عشب ميمڻ کي هٿيارن جي زور تي زبردستي کڻي فرار ٿي ويا، واقعي بعد اغوا ٿيل ناري ارادت عرف عشب ميمڻ جي پئ ڊاڪٽر اعجاز ميمڻ فوري طور هالا ٿاڻي تي پهچي واقعي جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي،پوليس جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر اعجاز ميمڻ ۽ چانڊيا برادري جي پاڻ ۾ رشتيداري ٿيل آھي،جنھن تان ڇڪتاڻ ھلندڙ آھي وڌيڪ جانچ ڪريون پيا ارادت بتول ۽ جوابدار مظھر چانڊيو جي ڀيڻ مدحيہ چانڊيو ٻئي گڏ حيدرآباد ۾ پڙھنديون ھيون
0 تبصرے