استاد جن لاءِ وڙھن پيا، سي ئي تن کي مارين پيا

خيال کتري

استاد جن لاءِ وڙھن پيا، سي ئي تن کي مارين پيا

ٽيويھين جون ٻہ ھزار پنجويھ تي سنڌ جي ٻين سرڪاري ملازمن سان گڏ ھزارين استادن ڪراچي پريس ڪلب تي پنھنجن حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج ڪيو. جتي ھنن مطلابن ۾ سنڌ جي سمورن ملازمن جي پگهارن ۾ وفاق جيان واڌ جي ڳالهـ اھم ھئي. جيڪا صرف استادن جي نہ ھئي. پر سنڌ جي ھر کاتي جي ملازم جي دل جي ڳالهـ ھئي. انھن جي پگهارن ۾ خاطر خواہ واڌ ہي ڳالهـ ھئي. انھن جي ٻچن لاءِ رزق جي ڪشادگيءَ جي ڳالهـ ھئي. پنھنجي سماجي ڪاروھنوار ۾ آسانيءَ جي ڳالهـ ھئي. پنھنجي زندگيءَ ۾ مشڪلاتن کي گهٽائڻ جي ڳالهـ ھئي. ايتروئي نہ پر سنڌ جي ملازمن جي ٻين صوبن جي ملازمن جي حيثيت برابر حيثيت جي ڳالهـ ھئي. جيڪا اعلي اعوانن ۾ ويٺل اختيارين کي شايد قابل قبول نہ ھئي. تڏھن ئي تہ اسان جي سنڌ جي ملازمن سان ھر وقت ناروا سلوڪ ڪيو ويندو رھيو آھي. سنڌ جي سڀني ملازمن جن ۾ استادن کان پوءِ گهڻائي پوليس وارن جي آھي. انھن جي مالي سطح کي ٻين صوبن جي ملازمن سان ھموار ڪرڻ لاءِ استاد ميدان ڪشمڪش ۾ پاڻ ملھائڻ لاءِ جاکوڙي رھيا ھئا.  افسوس تہ تڏھن ٿو ٿئي جڏھن اڳتي ھلي مستفيد ٿيندڙ پوليس اھڪار ئي استادن تي لـٺيون کڻيو ڪڙڪيو پون. ۽ پيغمبري پيشي سان سلھاڙيل ادستادن سان اھڙو ٿا سلوڪ ڪن جھڙو ھو ڪنھن نالي گرامي ڪروڙين روپيا انعام رکيل ڏوھاريءَ سان بہ نٿا ڪن. ڪوبہ خيال نہ ٿا ڪن تہ جي استاد انھن جي ٻچن جون خواھشيون پوريون ڪرائڻ لاءِ روڊن تي نڪتل آھن. انھن کي تحفظ فراھم ڪرڻ گهرجي. ۽ انھن جي رسائي سنڌ اسيمبليءَ ويٺل ڪرتن ڌرتن تائين ڪرائڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. جيئن سنڏ جي استادن جي معرفت سنڌ جي سمورن ملازمن جو ڀلو ٿي سگهي. جن ۾ پاڻ بہ شامل آھن.  پر ايترو ڌيان رکڻ لاءِ بہ آزادانہ ۽ پڪي پختي سوچ جو ھئڻ گهربل ھوندو آھي. جيڪا شايد اسان جي پوليس وارن وٽ بحران جو شڪار آھي. ان جو ئي نتيجو اھڙو نڪري سگهي ٿو. جي نہ تہ ھو ائين ھرگز نہ ڪن.  جيڪڏھن ھو ائين نہ بہ ڪن تہ وس وارا آھن. پنھنجي بالا آفيسرن کي سمجهائين تہ سائين پاڻ جيڪي ڪنھن بہ پنھنجن حقن جي جدوجھد ۾ شامل نٿا ٿيون. تہ گهٽ ۾ گهٽ استادن جي مٿان شيلنگ، لٺين جو وسڪارو، واٽر ڪينن ذريعي زھريلو پاڻي ھڻڻ کان تہ انڪار ڪريون. ھو ڪي ڌاڙيل يا ڀاڳيلا تہ نہ آھن. جو ھنن سان انھن جھڙو ورتاءُ ڪريون.  بھرحال ھن ڳالهـ تي پوليس وارن کي ۽ انھن جي بالا آفيسرن کي ضرور سوچڻ گهرجي. تہ ڪنھن سان ڪھڙو وھنوار ڪرڻو آھي. استادن جي عظمت کي آڏو رکي پنھنجي اندر ۾ شعور آڻيندڙ محرڪن جي تحرڪ کي ذھن جي پٽيءَ تي نروار ڪري، جيءَ ۾ جهاتي پائيندا تہ ڪڏھن بہ انھن جو ھٿ استادن تي ڪونہ ورندو.  .استادن جا اھڙا ڪھڙا مطالبا آھن، جيڪي پوري ٿيڻ جي لائق نہ آھن. يا استاد انھن جا اھل نہ آھن. جو انھن کي ٻين کاتن کي يا ٻين ملازمن کي ملندڙ مراعتن کان پست رکيو پيو وڃي. حقيقي سوچ سان جيڪڏھن پاڻ کي سلهاڙي صاحبان اختيار سوچيندا تہ ضرور ادتادن جي حق ۾ قلم کڻندا. ۽ استادن جا اھي سڀئي حق جيڪي ھو ٻين ملازمن کي ڏيئي رھيا آھن. سي تہ ڏيندا پر ٿي سگهي ٿو تہ استادن لاءِ ڪنھن خاص الائونس کي پڻ جاري ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن. استادن خاص ڪري پرائمري استاد اھو طبقو آھي. جنھن کان سواءِ باقي سڀئي بالا تدريسي شعبا بيڪار آھن. جيستائين پرائمري سطح کان ٻار پاس تي مٿين درجن ۾ نہ ويندو، تيستائين مٿيان سڀئي شعبا يعني لوور سيڪنڊري (مڊلٖ) سيڪنڊري (ھاءِ) ھائير سيڪنڊري (ڪاليج) گريجوئيشن ۽ ماسٽر (يونيورسٽي) ان کان اڳتي اي فل پي ايڇ ڊي وغيرہ بيڪار آھن.  پر اسان جي ملڪ ۾ ان پيڙھ جي پٿر رکندڙن سان اجهو ھيءُ حشر ڪيو ويو آھي، جو ھڪ بزرگ ۽ وڏي عمر واري استاد اڳواڻ شفيع محمد سٺيو جي پاسراٽي جهوري وڌي، جيڪو وڃي اسپتال داخل ٿيو. جتي ان جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي ويئي. بعد ۾ اين آءِ سي وي  ڊي ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو ويو. جتي اڄ ان جي اينجيو گرافي ٿي رھي آھي.  ان کان سواءِ ڪيترن استادن کي گرفتار ڪري ٻڪرين وانگر پوليس گاڏيءَ ۾ تذليل ڪندي واڙيو ويو. ايتروئي نہ پر عورت استاد جي گنديءَ کي مرد پوليس واري لاھي ان جي تذليل ڪئي ويئي.  آئون تہ ايتروئي چوندس تہ جنھن ملڪ ۾ استاد جي عزت نہ ھوندي، اھو ملڪ دنيا ۾ ڪڏھن بہ ڪَرَ کڻي ھلڻ جھڙو ٿي نہ سگهندو. سڀني وس وارن کي گذارش آھي تہ سنڌ جي پرائمري استاد کي مان ڏين ۽ انھن کي سڀئي انھن جون رھيل قانوني مراعتون جن ۾ (سروس اسٽرڪچر، انيشل اپائنٽمينٽ جي تاريخ کان سينيارٽي ڪائونٽ ڪرڻ،  گروپ انسورنش جي واپسي، 30 سيڪڙو ڊسپرٽي الائونس جوہاجراء، 50 سيڪڙو مھانگائي الائونس، ھائوس ريٽ 2022 جي اسڪيل موجب يا ھلندڙ فليٽ جي مسواڙ جيترو، ڪنوينس ھلندڙ ڀاڙن موجب، ميڊيڪل (صحت ڪارڊ) فري، يوٽيلٽي بل فري ۽تفريح الائونس وغيرہ) سامل آھن. سي ھڪدم ڏنيون وڃن. تہ جيئن انھن مان احساس ڪمتري نڪري سگهي.