English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس
172 views
|
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
درٻار هال مڪلي ۾ ري رائيٽنگ جي جاري ڪم بابت اجلاس ٿيو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ درٻار هال مڪلي ۾ ري رائيٽنگ جي جاري ڪم بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن، اسسٽنٽ مختيارڪارن، سپروائزنگ تپيدارن ۽ تپيدارن شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر کي ضلعي ۾ جاري ري رائيٽنگ جي ڪم جي اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت سمورن روينيو آفيسرن ۽ لاڳاپيل عملي کي سختي سان هدايت ڪئي ته ري رائيٽنگ جي جاري ڪم کي هر صورت هڪ هفتي اندر مڪمل ڪيو وڃي، جيئن عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون ۽ رليف فراهم ڪري سگهجي۔ هن واضح ڪيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا دير هرگز برداشت نه ڪئي ويندي، ۽ فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔ ڊپٽي ڪمشنر چيو ته عوام کي بروقت ۽ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ۽ روينيو معاملن ۾ شفافيت ۽ تيزي آڻڻ لاءِ سمورا موجود وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن۔ هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ڪم جي معيار ۽ رفتار کي يقيني بڻائيندي مقرر مدت اندر هر صورت ۾ هدف مڪمل ڪن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت
0 تبصرے