ملير: سپر هاءِ وي تي تيز رفتار ايمبولينس کاهيءَ ۾ ڪري پئي، هڪ ڄڻو فوت، عورت سميت ٽي زخمي

ملير: سپر هاءِ وي تي تيز رفتار ايمبولينس کاهيءَ ۾ ڪري پئي، هڪ ڄڻو فوت، عورت سميت ٽي زخمي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سپر هاءِ وي تي براق پمپ جي ويجهو خان صاحب ريسٽورنٽ وٽ هڪ تيز رفتار ايمبولينس بي قابو ٿي کاهيءَ ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا حادثي جي اطلاع تي چهيپا جي رضاڪار ٽيمون فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ فوت ٿيل ۽ زخمين کي فوري طور عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو فوتي ۽ زخمي ٿيل ماڻهن جي سڃاڻپ هيٺين ريت ڪئي وئي آهي 50 ورهين جو علي محمد ولد صدورو فوت،26 ويهين جو وقار ولد صدورو زخمي، 45 ورهين جي مينا زال سدھير زخمي،20 ورهين جو وقار ولد عبدالڪريم، زخمي، پوليس حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ابتدائي طور تي حادثي جو ڪارڻ تيز رفتاري ۽ ڊرائيور جي غفلت کي قرار ڏنو پيو وڃي.