ملير: قديم صابو هيرو ڪلمتي ڳوٺ تي هٿياربندن جو مبينا قبضو، ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻيل

ملير: قديم صابو هيرو ڪلمتي ڳوٺ تي هٿياربندن جو مبينا قبضو، ڳوٺاڻا سراپا احتجاج بڻيل

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ قومي شاھراھ لڳ قديم صابو هيرو ڪلمتي ڳوٺ تي هٿياربندن جو قبضو برقرار، قبضاگيرن کي سگهارن ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل، ڪورٽن طرفان قبضاگيرن کي هٽائي سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم، ايس ايچ او بن قاسم جو عدالتي فيصلا مڃڻ کان انڪار، ضلعي انتظاميا،روينيو عملدار،چونڊيل نمائندا ۽ راڄن جا چڱا مڙس به قبضاگيرن اڳيان بيوس، ڳوٺ جا معزز سمورا قانوني ڪاغذ کڻي پريس ڪلب پهچي ويا، لاڏائو ناهيون صدين کان آباد آهيون هتي اسان جي ابن ڏاڏن جا هڏڙا پوريل آهن هٿياربند قبضو ڪري خونريزي ڪرڻ چاهين ٿا وزير اعلي سنڌ آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرس عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائي ڳوٺ تان قبضو خالي ڪرائين محمد حسين ڪلمتي،شير محمد ڪلمتي غازي خان ڪلمتي ۽ ٻين جي هنگامي پريس ڪانفرنس ۾ اپيل تفصيل موجب ملير ۾ قومي شاھراھ لڳ قديم ڳوٺ صابو هيرو ڪلمتي جي رهواسي معززن محمد حسين ڪلمتي،شير محمد ڪلمتي غازي خان ڪلمتي ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ڳوٺ جي سمورن قانوني ۽ عدالتي ڪاغذي ثبوتن سان هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي دعوا ڪئي آهي ته سنڌ هائي ڪورٽ قبضاگير هٿياربند ٽولي جي ڳوٺاڻن خلاف داخل پٽيشن خارج ڪري اسان جي داخل پٽِشن تي حڪم جاري ڪيو آهي ته فوري طور ڳوٺ تان قبضو خالي ڪرائي هٿياربندن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي اهڙي حڪم نامي باوجود ضلعي انتظاميا خاموش تماشو ڏسي رهي آهي ۽ بن قاسم ٿاڻي جو ايس ايڇ او عدالتي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪندي قبضاگيرن کي تحفظ فراهم ڪري رهيو آهي جنهن سان حالتون خراب ٿي رهيون آهن ۽ ڪنهن به وقت امن امان جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو هنن ٻڌايو ته ڳوٺ صابو هيرو ڪلمتي تي مشتاق ميمڻ، احمد سردار ۽ مذمل ميمڻ ۽ ٻين جو قبضو برقرارآهي کين سگهارن ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي ڪجھ ڏينهن اڳ ڊي سي ملير ۽ وڏي وزير جي صلاحڪار سليم ڪلمتي ڳوٺ جو دوروڪيو هو ڪاغذن جي آڌار تي ڳوٺاڻن جي مالڪي جو حق تسليم ڪندي اتي موجود قبضاگير هٿياربندن کي ڀڄائي ڪڍيو جيڪي سندن روانگي بعد ٻيهر هوائي فائرنگ ڪند واپس ڳوٺ ۾داخل ٿي ويا هن وقت انتظاميا،روينيو عملدار ،چونڊيل نمائنداڳوٺاڻن جي حق ۾ فتوا ڏيڻ باوجود قبضاگيرن اڳيان بيوس بڻيل آهن هنن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اسان ڪي لاڏائو ناهيون صدين کان آباد آهيون هتي اسان جي ابن ڏاڏن جا هڏڙا پوريل آهن هٿياربند قبضو ڪري خونريزي ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اسان جهيڙي بدران عدالتن، پوليس اعلي عملدارن، چونڊيل نمائندن جي درن جا ڌڪا جهلي رهيا آهيون اسان جي قانوني پوزيشن مضبوط آهي سمورا فيصلا اسان جي حق ۾ آهن پوئي به انصاف نٿو ٿئي هنن وزير اعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي جي رينجرز،سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته عدالتي فيصلن تي عمل ڪرائي ڳوٺ تان قبضو خالي ڪرايو وڃي..