English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: ڊپٽي ڪمشنر سان ڪائنات پبلڪ اسڪول آئيڊيل ڪيمپس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ملاقات
views
|
25th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽر)ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ سان ڪائنات پبلڪ اسڪول آئيڊيل ڪيمپس عمرڪوٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ملاقات ڪئي. ان موقعي تي شاگردن ضلعي انتظاميہ جي ڪارڪردگي، اسڪولن جي شاگردن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ، امتحانن دوران نقل جي خاتمي، شاگردن جي سيڪيورٽي، خاص ڪري تعليم، صحت ۽ ميونسپل خدمتن بابت مختلف سوال ڪيا. ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ شاگردن جي سوالن جا تفصيلي جواب ڏنا ۽ ضلعي سطح تي جاري مختلف ترقياتي منصوبن، تعليمي معيار جي بهتري، صحت جون سهولتون وڌائڻ ۽ صفائي سٿرائي سميت ميونسپل خدمتن ۾ سڌارن لاءِ کنيل قدمن بابت روشني وڌي. ان موقعي تي هن شاگردن جي آگاهي ۽ سماجي شعور کي ساراهيو ۽ کين مستقبل جا ذميوار شهري بڻجڻ جي تلقين ڪئي. هن وڌيڪ چيو تہ اوهان پنھنجي تعليم جاري رکو، محنت ۽ لگن سان اوهان پنهنجي منزل حاصل ڪري سگهو ٿا. ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ اوهان بہ پنهنجي قابليت ۽ صلاحيت سان فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان پاس ڪري آفيسر بڻجي سگهو ٿا ۽ عوامي خدمت سرانجام ڏئي سگهو ٿا. ھن اها بہ خاطري ڪرائي تہ شاگردن کي مختلف اسڪالرشپس بابت آگاهي فراهم ڪئي ويندي ۽ اسڪولن ۾ مختلف راندين جا پروگرام ڪرايا ويندا، جنهن ۾ ضلعي انتظاميہ مڪمل سهڪار ڪندي. ان موقعي تي ڪائنات پبلڪ اسڪول آئيڊيل ڪيمپس عمرڪوٽ جي پرنسپال ميڊم زرفشان ارباب، اسڪول ايڊمنسٽريٽر تلسي داس مالهي، اسڪول جا استاد، شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڻ موجود هيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
ڪائنات پبلڪ اسڪول آئيڊيل
0 تبصرے