گهگهر ڦاٽڪ ۾ پوليس پاران فل فراءِ ڪيل ٽن نوجوانن جي وارثن پاران ريلي ۽ ڌرڻو

گبول برادري پاران واجد گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، فل فراءِ ڪندڙ اهلڪارن جي گرفتاري جو مطالبو

گهگهر ڦاٽڪ ۾ پوليس پاران فل فراءِ ڪيل ٽن نوجوانن جي وارثن پاران ريلي ۽ ڌرڻو

ملير (رپورٽر) ملير جي علائقي گهگهر ڦاٽڪ ۾ نجب چوڪ تي گبول نوجوان اتحاد ۽ سول سوسائٽي پاران ڪورنگي ۾ مبينا مقابلي ۾ شهيد ڪيل ٽن نوجوان جي قتل ۾ ملوث پوليس اهلڪارن جي گرفتاري لاءِ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي گبول برادري جي اڳواڻ واجد گبول ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي گبول برادري جي ٽن نوجوانن حاجي رحيم ، اختر ۽ علي گل گبول کي جڙتو مقابلي ۾ بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، اسان آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ايسٽ، ايس ايس پي ڪورنگي کان مطالبو ڪيون ٿا ته ملوث اهلڪارن خلاف فل فور ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جي دائري کي وڌايو ويندو.