حيدرآباد(بيورو) تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ يونين ڪاميٽي نمبر 118 جي چيئرمين آرزو فيصل زال فيصل مغل پاران تحريڪ انصاف سان ئي تعلق رکندڙ يو سي چيئرمين سميت 4 نامزد ۽ 5 نامعلوم ماڻهن خلاف اغوا، ڪپڙا ڦاڙي تشدد ڪرڻ، زنا جي ڪوشش، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ٻين سنگين الزامن تحت ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. اهو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي حڪم تي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ نامزد چئن جوابدارن ۾ يو سي چيئرمين وقاص شيخ ايڊووڪيٽ، شڪيل عباسي، گوهر ۽ احسان احمد شيخ شامل آهن، جيڪي سڀ وڪيل آهن جڏهن ته 5 جوابدار نامعلوم ڄاڻايا ويا آهن. ايف آء آر ۾ آرزو مغل ڄاڻايو آهي ته 23 نومبر 2024ع تي عمران خان جي فائنل ڪال تي اسلام آباد جي ٿاڻي شمس ڪالوني ۾ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ ٻين الزامن تحت سندس ۽ ٻين ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ٿيو، ان ڪيس ۾ ساڻس گڏ گرفتار ٿيل يو سي 107 جي چيئرمين وقاص شيخ کيس پنهنجي زال ڄاڻايو ۽ ان کانپوءِ وقاص شيخ سوشل ميڊيا ۽ اخبارن وسيلي سندس خلاف پروپيگنڊا شروع ڪئي. ساڻس گڏ وڪيل شڪيل عباسي، گوهر ۽ احسان احمد شيخ سنڌ بار ڪائونسل حيدرآباد مان هڪ قرارداد پاس ڪرائي جنهن ۾ کيس وقاص جي زال قرار ڏنو ويو جنهن سان سندس ازدواجي، سياسي ۽ سماجي عزت کي سخت نقصان رسيو فريادڻ موجب12 جنوري 2025ع تي وقاص شيخ کيس يونٽ نمبر 6 جي هڪ ڊيري تي ميٽنگ جي نالي سان سڏايو جتي وقاص ۽ شڪيل کيس زبردستي هٿيارن جي زور تي گاڏي ۾ ويهاريو، ان دوران شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي مٿس تشدد ڪيو ويو جڏهن ته مزاحمت تي سندس ڪپڙا ڦاڙيا ويا. بعد ۾ وات ۾ ڪپڙو وجهي ڳلو دٻائي مارڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي. فريادڻ موجب کيس يونٽ نمبر 9 جي هڪ گهر ۾ نيو ويو جتي نامعلوم ماڻهو اڳواٽ موجود هئا جتي پڻ کيس تشدد جو نشانو بنائي سندس ڪپڙا ڦاڙي زنا جي ڪوشش ڪئي وئي. ان دوران سندس نازيبا وڊيوز ۽ تصويرون ڪڍيون ويون ۽ کيس چيو ويو ته اسين وڪيل آهيون ۽ تون اسان جو ڪجهه به نه بگاڙي سگهندين بعد ۾ کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون ته آئون ڪنهنکي به ڪا دانهن نه ڏيان ۽ جيڪڏهن مون ايئن ڪيو ته هو مونکي قتل ڪري ڇڏيندا. سندس يقين ڏيارڻ تي انهن خالي پني تي سندس صحيحون ۽ اڱوٺي جا نشان ورتا ۽ کيس وڃڻ جي اجازت ڏني. سندس جسم تي ٿيل تشدد جا نشان ۽ تصويرون به وٽس موجود آهن. ۾ هن 16 جنوري 2025ع تي علاج لاءِ پوليس کان ليٽر ورتو ۽ عدالت ۾ درخواست ڏني. 21 مئي 2025 تي عدالت کيس قانوني ڪارروائي جي اجازت ڏني. جوابدارن ان خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد مان اسٽي حاصل ڪيو جنهن خلاف هن ٻيهر عدالت سان رجوع ڪري حڪم ايف آء آر داخل ڪرائڻ جو آرڊر حاصل ڪيو ۽ ڪيس داخل ڪرايو آهي. آرزو مغل مطابق هوءَ هڪ سياسي ڪارڪن آهي ۽ جوابدارن هن جي سياسي سڃاڻپ ۽ ذاتي عزت کي نقصان پهچايو. اسلام آباد جي ڪيس بعد وقاص پنهنجي زال قرار ڏئي کيس سماجي بدنامي جو سبب بڻايو. جڏهن هن اهڙي عمل خلاف آواز اٿاريو ته کيس يرغمال بڻائي تشدد ڪري زنا جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ قتل جي ڌمڪيون به ڏنيون ويون. ان معاملي سبب سندس مڙس کانئس ناراض ٿي ٻارن کان ڌار ڪيو ۽ وقتي طور تي عليحدگي اختيار ڪئي. پوليس موجب ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي داخل ڪيو ويو آهي، جاچ لاڳاپيل آفيسر حوالي ڪئي وئي آهي پر في الحال ڪا گرفتاري ناهي ٿي ڇاڪاڻ ته عدالت جي حڪم موجب پڪن ثبوتن کانسواءِ ڪو جوابدار گرفتار نه ڪري سگهبو.
0 تبصرے