شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور جي ھمايون ٿاڻي جي حد ۾ چوريون ڦريون روز جو معمول بڻيل ايس ايڇ او ھمايون عزيز الله ڪٽو حد ۾ امن ڪرائڻ ۾ مسلسل ناڪام بڻيل ٻئي طرف ٿاڻي تي گھريلو تشد سبب پناھ لاء ايندڙ عورتون بہ پوليس جي نشاني تي گذريل ڏينھن مسمات اسما جلباڻي گھريلو تشدد بعد ھمايون ٿاڻي تي پھتي ھن پاران ايس ايڇ او ھمايون عزيز الله ڪٽو مٿان مبينا زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش جو الزام ھنيو ويو عورت پاران ايس ايڇ او ٿاڻو همایون تي مبينا زيادتي جو الزام جو ايس ايس پي شڪارپور واقعي جي جانچ جو حڪم ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ پاران واقعي جو فوري نوٽيس ورتو ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ جو چوڻ هو ته انڪوائري آفيسر کي هدايت ڪئي آھي ته مسئلي جي هر پهلوءَ کان جائزو وٺي جلد جانچ رپورٽ پيش ڪري صاف شفاف انڪوائري، ميرٽ ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، الزامن جي ثابتي جي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسر خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، شڪارپور پوليس عورتن جي تحفظ ۽ انصاف تي مڪمل يقين رکي ٿي.
0 تبصرے