ننڍن ڪاروبارن جو عالمي ڏهاڙو: سافڪو پاران گراسپ تحت 9 ڪروڙ امداد جا معاهدا

ڪپهه، کنڊ، تيل، ڪپڙو ٻاهران گھرائڻ سان مقامي ماڻهن جي ترقي نه ٿيندي: سليمان جي ابڙو

ننڍن ڪاروبارن جو عالمي ڏهاڙو: سافڪو پاران گراسپ تحت 9 ڪروڙ امداد جا معاهدا

حيدرآباد: سافڪو پاران ننڍن ۽ وچولن ڪارباري ادارن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، جڏهن ته گراسپ پروگرام تحت 9 ڪروڙ روپيا امداد ڏيڻ جا معاهدا پڻ ڪيا ويا. سافڪو هيڊ آفيس ۾ ٿيل تقريب ۾ ننڍا ۽ وچولا ڪاروبار ڪندڙن مان ’النور ڪولڊ اسٽوريج‘ جي نجم الدين قريشي، ’سعيد خان انٽرپرائيزز‘ جي سعيد خان، ’بايو انرجي ساليوشن‘ جي محسن ڪريم، ’ايڇ اين فوڊز‘ جي نصرالله خان کي 2 - 2 ڪروڙ ۽ ’فريش اينڊ روشن‘ جي عفيفه خالد هڪ ڪروڙ روپين جي امداد لاءِ معاهدن تي صحيحون ڪيون، جڏهن ته سافڪو پاران ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو صحيحون ڪيون. تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو جي باني ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو چيو ته مستقل مزاجيءَ سان ترقي حاصل ٿئي ٿي، گراسپ پروجيڪٽ جو بنيادي مقصد زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن جي گذر سفر ۾ آساني پيدا ڪري کين خوشحاليءَ جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ آھي. پاڪستان لاءِ ڪرنگهي واري هڏي هئڻ باوجود زراعت کي اڄ تائين صنعت واري حيثيت ناهي ڏني وئي، جنهنڪري اسان ڪيترن ئي مسئلن مان گذري رهيا آهيون. ڪپهه، کنڊ، تيل، ڪپڙو ۽ ٻيون شيون ٻاهران گھرائڻ سان ضرورت ته پوري ٿيندي، پر مقامي ماڻهن جي ترقي نه ٿي سگھندي. جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته پاڪستان ترقيءَ جي ڌارا ۾ شامل نه ٿي سگھندو. وفاقي حڪومت 1998ع ۾ سميڊا قائم ڪئي، 52 لک ماڻهو ان سان لاڳاپيل آهن، جيڪي ننڍا ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ اهي پاڪستان جي ’جِي ڊي پي‘ ۾ 40 سيڪڙو حصو شامل ڪري رهيا آهن ۽ ان سميڊا جيڪري ئي 25 سيڪڙو روانگي واپار ٿئي ٿو. پر اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاءِ گراسپ پروجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ڀاڄيون ۽ ميوا ڳري سڙي وڃڻ ڪري 35 کان 40 سيڪڙو زيان ٿئي ٿو، جنهنڪري انهن جا اگھ وڌي غريب جي پهچ کان به مٿي ٿي وڃن ٿا، ان ڪري اسان فيصلو ڪيو ته زراعت سان لاڳايل ماڻهن کي اها امداد ڏني وڃي ته جيئن اهي ميون ۽ ڀاڄين جي پيداوار وڌائن ۽ انهن کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جديد طريقا اختيار ڪن. هن چيو ته گذريل ڀيري اسان پي پي اَي ايف، آءِ سي ٽي، يورپي يونين ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ماڻهن کي 9 ڪروڙ 80 لک روپيا گرانٽ ڏني. انهن ماڻهن به پنهنجون رقمون لڳائي ڪاروبار کي وڌايو. اهڙي طرح اسان پرفيڪٽ فوڊز کي 3 ڪروڙ ڏنا، ان ميوا ۽ ڀاڄيون خشڪ ڪرڻ جو پلانٽ لڳايو ۽ پوري دنيا ۾ سپلاءِ ڪري ٿي. ساڳي طرح ’آر ايم سي‘ کي ڪيلا محفوظ ڪرڻ لاءِ ۽ ’ڪي ٽي سي‘ کي انبن جي ڳرُ محفوظ ڪرڻ لاءِ به امداد ڏني. جنهن سان، اڳ جيڪي 35 کان 40 سيڪڙو ميوا ۽ ڀاڄيون خراب ٿيندا هئا، هاڻي اهڙي نقصان ۾ گھٽتائي ايندي ۽ روانگي واپار ۾ واڌارو پڻ ٿيندو. اهڙي طرح اسان بئنڪن سان به انهن ماڻهن جا رابطا ڪرايا آهن ته جيئن کين ضرورت پوڻ تي قرض ملن ۽ ڪاروبارن کي هٿي ملي. ان بعد سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپنيءَ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ڪافي موقعا به آهن ته چئلينج به آهن، جيڪڏهن انهن چئلينجن کي منهن ڏنو وڃي ته اهي موقعن ۾ تبديل ٿي ويندا. اسان جي ڪمپنيءَ طرفان پهريان 5 لک تائين قرض ڏنا ويندا هئا، هاڻي 30 لک تائين ڏئي سگھجن ٿا. سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ اسان جون 68 براچون آهن. اسان ڪاروبار ڪندڙن کي مالياتي تربيت ڏيون ٿا، ڪاروبارن، فصلن ۽ چوپائي مال جي انشورنس ڪريون ٿا ۽ اسلامي اصولن تي به مالي خدمتون فراهم ڪريون ٿا. پراجيڪٽ مئنيجر مصطفيٰ راڄپر ٻڌايو ته گراسپ پروجيڪٽ تحت سافڪو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ننڍا ۽ وچولا ڪاروبار ڪندڙن کي همٿائي متحرڪ ڪيو ۽ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ وسيلن، ڄاڻ ۽ هنر جي خواهشمندن جا ’فارمر ڪلائميٽ بزنس اسڪول‘ نالي ننڍا گروپ جوڙيا، جن ۾ شامل ننڍن آبادگارن، واپارين ۽ ايجنٽن کي ماحوليات، جديد زراعت، پيداوار وڌائڻ، پيداوار کانپوءِ وارا نقصان گھٽائڻ ۽ بهتر ڪاروبار جي طريقن بابت ڄاڻ پڻ ڏني آهي. ان موقعي تي خاص مهمان حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس جي سينئر نائب صدر احمد ادريس چوهاڻ، اعزازي مهمان وومين چيمبر آف ڪامرس جي صدر شاهده ٽالپر، سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي ترجمان مير عبدالڪريم ٽالپر، چيمبر آف ڪامرس سان تعلق رکندڙ نجم الدين ابڙو، سماجي اڳواڻ شڪور ملاح، عدنان ميمڻ ۽ امداد وٺندڙن پڻ خطاب ڪيو ۽ غربت جي خاتمي، زرعي ڪاروبار کي هٿي ڏيارڻ سميت ملڪي معيشت جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي سافڪو جي خدمتن جي ساراهه ڪئي. آخر ۾ سافڪو جي ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ذيشان ميمڻ تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.