حاجي منور علي عباسي، عوام دوست سياست سبب هميشه زنده رهندو..!

عبدالوحيد عباسي

حاجي منور علي عباسي، عوام دوست سياست سبب هميشه زنده رهندو..!

سياست کي عبادت سمجهي ڪري جهڙي طرح سنڌ جي ضلع لاڙڪاڻي ۾ عباسي خاندان گذريل 50 سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود پاڻ پتوڙيندي پنهنجي ووٽرن سان جهڙي طرح ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل نظر اچن ٿا شايد ئي ڪو سياست ڪندڙ سياستدان هجي، پنهنجي سنڌ ۾ سياست جي ميدان ۾ ته کوڙ سارا هڪ کان هڪ وڏيرا ، ڀوتار، نواب، مير وغيره سياست ڪندا پيا اچن پر جهڙي طرح سنڌ ۾ هن عباسي خاندان پنهنجي شرافت، عزت، ديانت، همدردانه ، فلاحي ڪمن ڪارن ۾ پاڻ نڀائيندي زندگي گذاري رهيا آهن انهي جو مثال نٿو ملي سگهي، هن خاندان جو پاڪستان پيپلز پارٽي جي بنيادي فائونڊر ميمبرن ۾ نمايان خدمتون شامل آهن. جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني سربراهه شهيد ذولفقار علي ڀٽو پنهنجي پيپلز پارٽيءَ کي شروعاتي ڏهاڙن ۾ ملڪان ملڪ مشهور ڪرڻ لاءِ سرگرم عمل رهيو ته هن عباسي خاندان جي پڙهيل لکيل سنڌي عورت ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسيءَ صاحبه کي پ پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ،انهيءَ عوامي خدمت ڪرڻ واري جذبي تحت انهيءَ دعوت کي قبول ڪندي بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي باقائدهه سياست ۾ پير پاتو ۽ اها ملڪي تاريخ ۾ پهرين مسلمان سنڌي عورت هئي جيڪا قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر بڻي، جنهن کان پوءِ ضياءَ جي آمريت ۾ سڀ کان وڌيڪ هن خاندان کي شهيد ڀٽو جي قريبي تعلقاتن سبب عتاب جو نشانو بڻايو ويو، پوءِ هڪ آمر جو گمشدگيءَ وارو موت ٿيو ۽ اهڙي طرح محترمه بينظير ڀٽو پوري پاڪستان ۾ اليڪشن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ اقتدار پيپلز پارٽي کي مليو ۽ عباسي خاندان جي شهيد ڀٽو وانگر سندس جي نياڻي سان به انتهائي قريبي پارٽي تعلقات رهيا، جنهن ڪري بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي جا ٻه پٽ حاجي منور علي عباسي ۽ سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي پيپلز پارٽي جي جان سمجها ويندا هيا هر ملڪي، صوبائي ضلع لاڙڪاڻو جي سياست ۾ اهم ڪردار هيو سندن جو پ پ پ لاءِ لازم ملزوم ڪردار سمجهو ويندو هيو پر بدقسمتيءَ سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 27 ڊسمبر 2007 ع ۾ شهادت بعد سياسي ڦيرو ڦري ويو ۽ جيڪي ڪلهه تائين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا ويجها خاندن جي فردن جيان ويجها رهندڙ ساٿي ڪارڪن ورڪر هيا اهي پارٽي جي روين سبب پوئتي ٿيڻ لڳا ۽ اهڙي طرح 2013ع ۾ پ پ پ کان عباسي خاندان مڪمل طور تي ڪنارهه ڪشي ڪري لاڙڪاڻو ۾ عوامي اتحاد جوڙيون جنهن ۾ حاجي منور علي عباسي کي ڪنوينر چونڊيو ويو، جنهن ۾ پ پ پ مخالف پارٽين تنظيمن جماعتن هڪ فولادي ديوار جهڙو ڪردار ادا ڪري اقتداري پارٽي کي 2018ع ۽ 2019ع ۾ جتي پنجن سالن ۾ اليڪشن ۾ حصو ورتو ويندو آهي اتي عباسي خاندان کي ٿڪائڻ لاءِ بار بار سنڌ اسيمبليءَ جي سيٽ تي اليڪشن ڪرائي وئي پر ٻئي دفعا حاجي منور علي عباسيءَ جو پٽ معظم علي عباسي وڏي اڪثريت سان پوري حڪومتي مشنري ۽ سڄي سنڌ جي ڀوتارن کي بري شڪست ڏيئي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا. پيپلزپارٽي جي جان سمجهي ويندڙ عباسي فيملي ۽ انهي جا بهادر اثاثه حاجي منور علي عباسي توڙي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ معظم علي ڪاظم رضا عباسي، عباسي اويس عباسي اهي فرد آهن جيڪي پنهنجي وڏڙن جي نقش قدم تي هلندي سياست کي عبادت سمجهي ڪندا رهن ٿا، جڏهن به ڪو به پ پ پ جي قائدين جو ڏهاڙو هجي ته اهو ڏينهن ضرور عباسي خاندان پنهنجي وليد هائوس ۾ وڏي شان شوڪت سان ضروري ملهائيندي نظر ايندا. انهن وٽ رڳو اهي 21 جون، 27 ڊسمبر، 5 جنوري، 4 اپريل، 5 جولاءِ جا ڏهاڙا ئي نٿا ملهايا وڃن پر اهي سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌي ٽوپي اجرڪ، مچ ڪچهري، مفت اکين جي 3 روزه ڪئمپ لڳائڻ، ٻوڏ آئي تي انهن جي متاثرين جي مدد ڪرڻ ۽ هاڻي ڪرونا ۾ متاثر ٿيندڙ مزدورن، پورهيتن جي بنا ڪنهن فرق جي در در وڃي مدد ڪرڻ سميت اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين غريب علائقي جا شاگرد درسي ڪتابن، فيس جي سلسلي ۾ پريشاني جي عالم ۾ منجهيل ماڻهن جي واهر ڪرڻ، شهر لاڙڪاڻي ۾ نه صرف عباسي ڪلهوڙا پنهنجي برادري جي ماڻهن جي غمي خوشيءَ جي موقعن تي نظر ايندڙ شخصيت حاجي منور علي عباسي ڪڏهن به وساري نٿي سگهجي، هو هڪ سچو پڪو عاشق رسول هيو، هر سال وڏي يارهين شريف تي سنڌ جي مشهور درگاهه ديهه سوهو خيرپور ميرس ۾ حضرت قبله پير سيد محمد عاشق علي شاهه جيلاني قادري جن وٽ پابنديءَ سان ويندا رهيا ۽ اتي سڄي رات هلندڙ روحاني پروگرام ۾ ننڊ آرام اچڻ باوجود آرام ننڊ نه ڪندا ۽ رات سومهڻي کان فجر نماز تائين اهو پروگرام ڏسندا رهندا هيا جتي پوري ملڪ کان لکين عاشقان رسول شريڪ ٿيندا آهن.انهن بزرگن جي اولاد سيد عبدالقادر شاهه جيلاني قادري جنازي نماز پڙهائي ۽ انهي کان اڳ ۾ بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي جي نماز جنازه به انهي پڙهائي هئي. حاجي منور علي عباسيءَ ۾ نماز جي پابندي نيڪ ڪم ڪار فلاحي ادارا کولڻ سندن جي اهم مصروفيت هوندي هئي.حاجي منور علي عباسي پنهنجي وليد هائوس ڀرسان عرب سرڪار رح جي قبرستان لاءِ پنهنجي پٽ معظم علي عباسي کي چيو ته ابا 10 جريب پلاٽ زمين قبرستان کي ڏيان ٿو انهي کي چوديوار لڳائي ڇڏ، جڏهن ته 15 جريب کان وڌيڪ قبرستان کي اڳ ۾ پلاٽ زمين مختص ٿيل آهي. مرحوم حاجي منور علي عباسي جو چوڻ هيو ته لاڙڪاڻي شهر ۾ قبرستانن ۾ جاءِ ناهي ڀرجي ويا آهن انهي ڪري ڀلي جو ڪيترو به پلاٽ مهانگو هجي پر 10 جريب پلاٽ قبرستان کي ڏيڻو آهي جيئن غرين امير هرهڪ ماڻهو مري وڃڻ بعد آرام سان دفن ته ٿي سگهي. انهيءَ ڪيترن بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏياريون هيون جيڪي مرحوم جي وڇوڙي تي ۽ فاني جهان مان لاڏاڻي تي زوارو قطار روئيندا رهيا ۽ انهي جي مهربانين ڀلاين کي ياد ڪندي روئيندي چوندا ڏٺا ويا ته ابا اسان کي اڪيلو ٿو ڇڏي وڃين، اهڙي طرح هرهڪ اک روئڻهارڪي نظر آئي، اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ ڊاڪٽر صفدر عباسي پنهنجي وڏي ڀاءَ حاجي منور علي عباسي جي وڇوڙي کي پاڻ لاءِ هڪ وڏو نقصان قرار ڏنو ۽ چيو ته حاجي صاحب مونکي پنهنجي اولاد معظم علي ۽ ڪاظم علي وانگر سمجهندو هيو انهي جي هڪ شفيق والد وانگر محبت محسوس ٿيندي هئي، ڪڏهن به انهي سياست جي ميدان ۾ پوئتي نه هٽيو ۽ هر وقت عوام جي ڏک درد ۾ بيٺي نظر آيو. انهي جو وڇوڙو هڪ سياست ۾ خال پيدا ڪري ويو آهي شايد ئي وري ڪو اهڙو ماڻهو لاڙڪاڻي جي سياست ۾ اچي پر اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. حاجي منور علي عباسي عباسي ڪلهوڙا برادري ۾ عوامي فلاحي تيز سرگرميون ڪندو رهيو جنهن ڪري پوري ملڪ جا عباسي ڪلهوڙا ڊاڪٽر شفقت علي عباسي ۽ حاجي منور علي عباسي کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا رهن ٿا ۽ انهن ٻنهي تي فخر محسوس ڪندا رهن ٿا، جڏهن ته هو ايڏي وڏي پائي جو سياسي ليڊر وڏي ڪليبر جو ماڻهو هميشه سادگي پسند رهيو بغير ڪنهن پروٽوڪول بغير ڪنهن هٿياربند گارڊ جي گهمندو رهندو هيو هو فقير درويش الله لوڪ سياستدان هيو، انهي جي سياسي قد ڪاٺ جي اونچائي وڏي بلند هئي پر هو جهڙي نموني سان پنهنجي زندگي گذاري ويو انهي جو مثال نٿو ملي سگهي، سندس جي سياسي شخصيت کي ڊاڪٽر اختر علي عباسي روئيندي چوي ٿو ته اسان جي زندگيءَ ۾ اهڙو سياسي اڳواڻ ليڊر نٿو ملي سگهي هو سياست کي عبادت ڪري عوام جي ڪارخير وارن ڪمن ۾ وڌ ۾ وڌ ۽ ڀرپور حصو وٺندو هيو.