نوشھرو فيروز(ڊ ر) پڊعيدن جي وارڊ نمبر 1 ۾ 28 ورهين جي نوجوان وقار احمد پٽ محمد طالب گاڏھي جو پراسرار گولي لڳل لاش ھٿ، پوليس واقعي واري جاء تي پهچي لاش کي ضروري ڪاروائي لاء رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو پڊعيدن اسٽيشن جي قاسم آباد ڪالوني جي رهواسي نوجوان وقار احمد جو لاش وارڊ نمبر هڪ ۾ پوليس اهلڪار ڇلڻ راڄپر جي اوطاق تان هٿ آيو جنهن جي لاش کي ضروري ڪاروائي بعد ورثن حوالي ڪيو وارثن نوج
وان جو لاش نصرت ڪئنال پل تي رکي نصرت ڪئنال پُل بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو پيو وڃي احتجاج سبب نوشھروفيروز ڦل مورو ۽ ٻين شھر ڏي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل موقف ڏيندي سندس ڏاڏي محمد سومر گاڏاھي ٻڌايو ته وقار احمد کير کپايندو هيو ۽ ڇلڻ راڄپر جي گھر کير پڻ ڏيندو هيو ۽ اچانڪ فون آئي ته وقار مارجي ويو آھي اسان پھتاسين ته وقار جو لاش اوطاق ۾ پيل ھيو جتي ڪنهن به قسم جو رت يا ڪا ٻئي شيء نظر نه آئي هنن چيو ته اسانجي نوجوان جي لاء چون ٿا ته هن خودڪشي ڪئي آھي پر اهو سراسر غلط چيو پيو وڃي اسانجي نوجوان خودڪشي نه ڪئي آھي هن کي قتل ڪيو ويو آھي صاف شفاف انڪوئري ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي پاسي ايس ايڇ او پڊعيدن ٻڌايو ته لاش جي اطلاع ملڻ تي لاش کڻائي اسپتال پهچايو ۽ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو واقعي بابت وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آھيون
0 تبصرے