عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلع عمرڪوٽ ۾ جمعرات اوچتو موسم جي تبديلي زندگيءَ جي نظام کي مفلوج ڪري ڇڏيو، ڪنري، سامارو، پٿورو، عمرڪوٽ شهر سميت ضلعي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ هلڪي کان تيز وسڪاري، گجگوڙ ۽ مٽيءَ جي طوفان سخت تباهي آندي، مٽيءَ جي طوفان سبب ڪيترائي وڻ پاڙن سميت اکڙي پيا، ڀيتون ڪري پيون، سولر پليٽون اُڏي ويون ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ مواصلاتي نظام بُري طرح متاثر ٿيو، موبائل نيٽورڪ سروس ۾ خلل سبب شهري پنهنجن عزيزن سان رابطو ڪرڻ کان قاصر رهيا، وسڪاري کانپوءِ عمرڪوٽ شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بجليءَ جو نظام مڪمل طور تي معطل ٿي ويو، ڪيترن ئي هنڌن تي 14 ڪلاڪن کان وڌيڪَ وقت تائين بجلي بند رهي، جڏهن ته واپڊا پاران بحالي لاءِ ڪابه ترت ڪارروائي نظر نه آئي، شهر جي گهٽين، بازارن ۽ رستن تي پاڻيءَ ۽ ڪچري جي ڀرمار ٿي وئي، جنهن سبب آمد و رفت ۾ ڏکيائيون پيش آيون، ميونسپل ڪاميٽي عمرڪوٽ جي ڪارڪردگي تي شهري سخت ناراض آهن، جن جو چوڻ آهي ته نه ته وسڪاري کان اڳ ڪو حفاظتي بندوبست ڪيو ويو ۽ نه طوفان کانپوءِ صفائي يا نيڪاليءَ لاءِ ڪو سنجيده قدم کنيو ويو، نالين جي بندش، رستن جي دلدل بڻجي وڃڻ ۽ شهر ۾ بدبوءِ ۽ گندگيءَ سبب شهري سخت پريشان آهن، عوامي بجليءَ جي بحالي، صفائي جي خراب صورتحال ۽ نيٽورڪ جي ناڪاميءَ تي اڃان تائين ڪو به عوامي نمائندو متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ لاءِ نه پهتو آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ترت قدم نه کنيا ويا ته وسڪاري جي موجوده لهر وڌيڪَ تباهي آڻي سگهي ٿي، شهرين سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه کان ترت ۽ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
0 تبصرے