نوشهروفيروز ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري

نوشهروفيروز ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري

نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز پوري ملڪ جيان نوشهروفيروز مھراڻ ٽائون امام بارگاهه امام حسين عليه السلام ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ عشره محرم الحرام جو سلسلو جاري تفصيل موجب حسيني امام بارگاه امام حسین علیہ السلام, 3/محرم الحرام تي سندس اولاد ۽ اصحاب جي عظيم شهادت تي مجلس عزا منعقد ڪئي وئي, جنهن کي ذاڪر اهلبيت مولانا مدد علي ملاح ,خطاب ڪندي چيو ته امام حسين عليه السلام پنهنجي ساٿين سميت ڪربلا معلي ۾ پوري انسانيت کي حق ۽ باطل جي سڃاڻپ ڏني. امام حسين عليه السلام پنهنجي جانثار ساٿين سميت پنهنجي جانين جي قرباني ڏيڻ پسند ڪيو پر ظالم ۽ جابر حڪمران يزيد جي بعيت نه ڪري ثابت ڪيو ته وقت جو حاڪم ڪيترو به طاقتور ڇونه هجي ان جي سامهون جبل وانگر بيهي رهجي. ياد رهي ته حسيني امام بارگاهه مھراڻ ٽائون ۾ زنوار حاجي محمد ياسين چانڊيو جي طرفان ھر سال جيان ,1/محرم الحرام کان 9/ محرم الحرام تائين مجلس عزا منعقد ڪئي ويندي آهي. آخر ۾ جيڪي مومن ۽ مومنائون ھن دنيا مان وفات ڪري ويا آھن انھن مرحومن جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ خاص دعا گهري وئي ,مجلس عزا جو سلسلو نائين محرم الحرام تائين جاري رهندو آخر ۾ حسب دستور عزادارن ۾ نياز پڻ تقسيم ڪيو ويو.