دادو (رپورٽر) دادو ڀرسان باغبان ۾ واقع سنڌ جي عظيم شهيد، گهاڻي پيڙهيل گهوٽ، شهيد مخدوم بلاول جو 518هون ۽ جامع مسجد جو 100هون عرس جون تقريبون، هزارين ماڻهو شريڪ، جيد عالمن، مذهبي اسڪالرن، درگاهن جي گادينشينن، بزرگن، قرآن شريف جي حافظن ، نعت خوانن ۽ ٻين شريڪ ٿي عقيدت جو اظهار ڪيو، عرس جون تقريبون سڄو ڏينهن ئي رات اسر ويل تائين جاري رهيون، ڪيترن ئي مخيرن خيرات في سبيل الله طور ننگر نياز جو به بندو بست ڪيو، عرس شريف جي مک تقريب جامع مسجد جي احاطي ۾ ٿي، جتي جامع مسجد درگاھ حضرت مخدوم بلال شهيد جي خطيب حضرت مولانا محمد ابراهيم سيال نقشبندي جي صدارت ۾ ٿي، تقريب ۾ پاڪستان جي نالي وارن عالمن ۽ اسڪالرن شرڪت ڪئي ۽ روح پرور تقريرون ڪري شريڪ ٿيندڙ مومنن جي روحن کي راحت بخشي، ان کان اڳ عرس شريف جي تقريبن جي شروعات شهيد مخدوم بلال رح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڪئي وئي، مک مذهبي، ديني ۽ روحاني تقريب ۾ حضرت شهيد مخدوم بلاول رح جي سوانح حيات بابت درگاهه جي جامع مسجد جي خطيب علامه مولانا محمد ابراهيم سيال نقشبندي جي لکيل ڪتابچي جي رونمائي پڻ ڪئي وئي، شهيد مخدوم بلاول جي سوانح حيات بابت ڪتاب جو مصنف مولانا محمد ابراهيم سيال نقشبندي آهن، ڊائريڪٽر اطلاعات سنڌ محمد يوسف ڪابورو ڇپايو آهي. سالياني عرس جون تقريبون جمعي مبارڪ جي ڏهاڙي تي صبح ساڻ ئي شروع ٿي ويون جيڪي ڇنڇر جي رات فجر جي نماز تائين جاري رهيون. تقريب ۾ دنيا اندر عالم اسلام جي سربلندي لاء خاص دعائون پڻ گهريون ويون. عرس شريف جي تقريب کي درگاه عاليه رحمت پور شريف جي سجاده نشين پير طریقت رهبر شريعت حضرت خواجه محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين ثاني صاحب، درگاهه مشوري شريف جي حضرت پير مولانا منظور احمد مشوري، درگاھ ويهڙ شريف جي پير علامه مفتي خليل احمد، حضرت پير مخدوم فضل الله صديقي، ، حضرت پير مخدوم شفيق الرحمان، حضرت پیر مخدوم امام بخش ثانی ۔ حضرت مخدوم حبیب الرحمن ۔ حضرت مفتی عبدالحلیم سیوھاٹی ۔حضرت علامہ مولانا عبيد الله ڏاھري , مولانا عبدالرب سنڌي ڪنڊيارو شريف , حضرت علامہ مولانا مفتي حق نبي صاحب سڪندري شاھپور چاڪر , مولا محمد عظيم مھيسر , مولوي نديم علي, جامع مسجد شھيد مخدوم بلال جي خطيب حضرت علامہ مفتي محمد ابراھيم سيال , حافظ محمد قاسم سيال ۽ ٻين عالم سڳورن ۽ مذهبي اسڪالرن خطاب ڪيو، ۽ شهيد مخدوم بلاول جي ديني ۽ دنياوي خدمتن تي روشني وڌي، جڏهن ته مک تقريب م سنڌ انفارميشن کاتي جي ڊائريڪٽر محمد يوسف ڪابورو , ڊي ايس پي عبدالخالق وڳڻ , ڊاڪٽر عبدالباقي وڳڻ , امير علي وڳڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي پري پري کان آيل مهمانن ۽ عالم سڳورن ۾ سندون ورهايون ويون.
0 تبصرے