English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ اجلاس
views
|
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ انساني پيپيلوما وائرس (ايڇ پي وي) ويڪسينيشن مهم بابت ضلعي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو. ان موقعي تي هن انساني پيپيلوما وائرس (ايڇ پي وي) سروائيڪل ڪينسر جي روڪٿام جي مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وڌ کان وڌ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ 9 کان 14 سالن جي ڇوڪرين کي سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ لاءِ ويڪسينيشن جي حڪمت عملي تي بحث ڪيو ويو، جڏهن ته مهم جو دائرو ضلعي جي سمورن صحت مرڪزن سميت سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۽ مدرسن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اسٽيئرنگ ڪميٽي جي سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي ويڪسينيشن مهم جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن. اجلاس ۾ ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر صفدر علي شاهه، ضلعي فوڪل پرسن (ايڇ پي وي) ڊاڪٽر بخت حسين شاهه کان علاوہ صحت، پي پي ايڇ آءِ، سوشل ويلفيئر، اوقاف، اطلاعات، تعليم، پوليس، سرسو، خانگي اسڪولن ۽ مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ مهم کي ڪامياب بڻائڻ ۾ پنهنجي ڀرپور تعاون جو يقين پڻ ڏياريو. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي فوڪل پرسن (ايڇ پي وي) ٻڌايو ته 15 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر 2025 تائين جاري رهندڙ ويڪسينيشن مهم جو مقصد ٺٽي ضلعي ۾ 81 ھزار کان وڌيڪ ڇوڪرين کي انساني پيپيلوما وائرس (ايڇ پي وي) سروائيڪل ڪينسر کان بچاءُ جا ٽُڪا لڳائڻ جو ھدف مقرر ڪيو ويو آھي. هن چيو ته سروائيڪل ڪينسر دنيا جي عورتن ۾ چوٿون سڀ کان عام ڪينسر آهي ۽ ايڇ پي وي ويڪسين هن بيماري کي روڪڻ ۾ اثرائتو ثابت ٿي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو
0 تبصرے