English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ نينگري ٽن جوابدارن جي مبينا اجتماعي جنسي ڏاڍائي سبب ڳورهاري ٿي وئي
29 views
|
08th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نينگري 4مهينا پيٽ سان ٿيڻ بعد سندس وارث ٿاڻي تي پهچي ويا، ڪيس داخل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ميمڻ ڳوٺ ۾ پورهيت جي 15ورهين جي نينگري سان ٽن جوابدارن جي مبينا ڏاڍائي، نينگري پيٽ سان ٿي ويئي، ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل، ڪو جوابدار گرفتار نه ٿيو، بااثرن جوابدار لڪائي ڇڏيا، وڏيرا متاثر خاندان وٽ معافي لاءِ پهچي ويا، 3 سال اڳ ميمڻ ڳوٺ ۾ حديقه ميمڻ کي پڻ اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو، تفصيل موجب ملير جي ميمڻ ڳوٺ واري شفيع محمد پاڙي ۾ پورهيت عبدالواحد جي 15 ورهين جي نينگري شازيه کي ٽن جوابدارن بابو ميمڻ، الھڏنو،ميمن ۽ رمضان عرف رمون ميمڻ طرفان مبينا ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو اهڙو ڦاٽ تڏهن ڦاٽو جڏهن نينگري 4 مهينن جي پيٽ سان ٿي ويئي ڌيءَ طرفان سموريون حقيقتون بيان ڪرڻ بعد پيءُ عبدالواحد ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي پهچي ڪيس داخل ڪرائيندي چيو ته آئون هوٽل تي پورهيو ۽ گهر واري ٻين جي گهرن ۾ ٿانو ٻهارو ڪري گذر سفر ڪندا آهيون پويان منهنجي 15 ورهين جي وڏي نياڻي شازيه پنهنجي ڀائرن سان گڏ گهر ۾ هوندي آهي جنهن کي 4 مهينا اڳ بابو پٽ نبي ميمڻ فون ڪري نياڻي کي گهر گهرايو جتي سندس ساٿي الھ ڏنو پٽ جمعه ميمڻ ،رمضان عرف رمون پٽ خليل ميمڻ موجود هئا جن نياڻي کي ڌمڪيو ڏئي خوف زدہ ڪري ڪمري ۾ وٺي اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ ڌمڪي ڏني ته ڪنهن سان به ڳالھ ڪئي ته توکي قتل ڪري ڇڏينداسين تنهن کان پوءِ مختلف وقتن تي ڄاڻايل جوابدار نياڻي کي بليڪ ميل ڪري گهر گهرائي زيادتي جو نشانو بڻائيندا رهيا آهن 2 ڏينهن اڳ پيٽ سان ٿيڻ بعد ماءُ طرفان حقيت معلوم ڪرڻ تي نياڻي سڀ ڪجھ ٻڌائي ڇڏيو جنهن بعد اسپتال مان طبي چڪاس بعد رپورٽ ۾ ڄاڻ پئي ته ڌي نياڻي چئن ميهن جي پيٽ سان آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير ۾ نينگري
ڳورهاري ٿي
اجتماعي جنسي ڏاڍائي
0 تبصرے