English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو جي لنجار هاوس ۾ عورتن کي گهرن جي ملڪيت جا سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا
views
|
10th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي گهرواري پنهنجي پٽن ۽ ڊي سي نوشهروفيروز سان گڏ سرٽيفڪيٽ ورهايا
نوشهره فيروز (ڊ ر)سنڌ حڪومت جي سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ ايفيڪٽيڊ (ايس پي ايڇ ايف) کاتي پاران 2022 جي ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر ٿيندڙ عورتن کي گهرن جي تعمير کان پوءِ ملڪيت جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ لنجار هائوس مورو ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ 146 عورتن کي گهرن جي ملڪيت جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.تفصيل موجب، سنڌ حڪومت برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ عورتن کي ملڪيت جا حق ڏنا آهن. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي زال، سندس پٽ حسن ضياء لنجار، علي ضياء لنجار، ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم ۽ چيئرمين ضلعي ڪائونسل نوشهره فيروز سهيل اختر عباسي 146 عورتن کي گهر جا سرٽيفڪيٽ ڏنا. ان موقعي تي مقررين چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي روٽي ڪپڙو ۽ مڪان جو نعرو ڏنو، جنهن تحت سنڌ جي ماڻهن کي گهر ٺاهڻ کان پوءِ انهن جي گهرن جا مالڪي حق ڏنا پيا وڃن. اسان جو نعرو عوامي خدمت آهي. اسان عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا ۽ عوام جي خدمت جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان کي وڌيڪ ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ هي صرف شروعات آهي. تقريب ۾ ايس ايس پي نوشهروفيروز بشير احمد بروهي، چيئرمين ميونسپل ڪميٽي مورو نذير احمد ميمڻ، پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ مسرور احمد راجپر، دوست علي سولنگي، محمد خان حاجن جيسر، انفارميشن آفيسر قمر الزمان ڀنڀرو، سافڪو صوبائي سربراهه جئي پرڪاش، ضلعي مئنيجر سافڪو غلام اڪبر کوسو ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ذوالفقار علي ڀٽو
لنجار هاوس
0 تبصرے