English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڪستان اسٽيل ملز جي 8هزار برطرف ملازمن پاران حڪومت ۽ انتظاميا خلاف جدوجهد جو اعلان
208 views
|
14th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نااهل انتظاميا صرف 30 سالن ۾ ئي اسٽيل مل کي تباھ ڪري ڇڏيو: نويد آفتاب، رحمان شاهه، الهوايو ٻگهيو ۽ ٻيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان اسٽيل ملز جي برطرف ڪيل 8 هزار ملازمن حڪومت ۽ انتظاميا خلاف فيصلي ڪن جدوجهد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ملازمن نئين اتحاد پاڪ اسٽيل جدوجهد اتحاد جوڙي پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هاڻ هو پنهنجن حقن لاءِ هڪ هڪاڻي جدوجهد هلائيندا، جنهن جي شروعات آل پارٽيز ڪانفرنس سان ڪئي ويندي پريس ڪانفرنس ۾ اتحاد جي اڳواڻن نويد آفتاب، رحمان شاهه، الهوايو ٻگهيو، گاگن داس، جاويد احمد شيخ، ادريس چانڊيو، عبدالحق چنا، ولي ناريجو ايڊووڪيٽ، صدالدين پهنور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اسٽيل مل 1973ع ۾ 25 ارب روپين جي سرمائي سان قائم ٿي، جنهن جي سالياني پيداوار 11 لک ٽن هئي ۽ روسي ماهرن 100 سالن تائين ان جي هلڻ جي گارنٽي ڏني هئي، پر نااهل انتظاميا صرف 30 سالن ۾ ئي ان کي تباھ ڪري ڇڏيو اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڏهن سالن کان بند پيل اسٽيل ملز مان 2020 ۽ 2021 ۾ جبري برطرف ڪيل ملازمن کي اڃان تائين رهتون ادا نه ڪيون ويون آهن. اپيلئيليٽ ٽريبونل ملازمن جي حق ۾ فيصلو ڏنو، پر انتظاميا هاءِ ڪورٽ مان منع نامون حاصل ڪري ورتو هنن الزام هنيو ته حڪومت اسٽيل ٽائون کي ڪربلا بڻائي ڇڏيو آهي جتي بجلي، پاڻي ۽ گيس جون سهولتون بند ڪري گهر خالي ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، جڏهن ته 2022 جي پاليسي موجب رهتون ادا ٿيڻ تائين اهڙو عمل ڪرڻ غيرقانوني آهي پريس ڪانفرنس ۾ اڳواڻن ٻڌايو ته تازو ئي 2 ارب 87 ڪروڙ 14 لک رپيا برطرف ملازمن لاءِ جاري ڪيا ويا آهن، جيڪي جلد ادا ٿيڻ گهرجن. انهن ياد ڏياريو ته 7 اپريل 2025 تي بن قاسم ريلوي ٽريڪ تي تاريخي ڌرڻو ڪيو ويو هو، جيڪو سنڌ جي وڏي وزير جي خاطري تي ختم ڪيو ويو، پر ڇهه مهينا گذرڻ باوجود ڪا به واعدي تي عمل نه ٿيو اڳواڻن مطالبو ڪيو ته اسٽيل ملز جي سي اي او کي هٽائي نئون مٽالرجيڪل انجنيئر مقرر ڪيو وڃي، روس سان گڏجي اسٽيل مل کي بحال ڪيو وڃي، برطرف ملازمن کي نوڪرين ۾ بحال ڪيو وڃي، اسٽيل ٽائون جا گهر ملازمن کي مالڪاڻا حقن تي ڏنا وڃن ۽ گيس ۽ بجلي جون سهولتون فوري طور بحال ڪيون
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پاڪستان اسٽيل ملز
ملير
0 تبصرے