English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: سامونڊي پٽي جي سماج سڌارڪ، ليکڪ ۽ شاعر ايوب شان خاصخيلي جي ڪتاب جو مهورت
321 views
|
14th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
صدارت فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي نئين چونڊيل چيئرپرسن فاطمه مجيد ڪئي، سياسي سماجي اڳواڻ، اديب، دانشور، صحافي به شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سامونڊي پٽي جي نالي واري سماج سڌارڪ، ليکڪ ۽ شاعر ايوب شان خاصخيلي جي نئين ڪتاب ماهيگر اور سوشل موومنٽ جي پروقار مهورتي تقريب عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿي جنهن جي صدارت فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي نئين چونڊيل چيئرپرسن فاطمه مجيد ڪئي جڏهن ته صاحبِ ڪتاب پاڻ خاص مهمان هو تقريب ۾ ڪراچي ملير جي مختلف علائقن مان اديبن، دانشورن، سماج سڌارڪن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ابراهيم حيدري، ريڙهي، گڏاپ ۽ ميمڻ ڳوٺ مان پڻ اديبن ۽ مهاڻن جي اڳواڻن ڀرپور نمائندگي ڪئي مهورتي تقريب دوران فاطمه مجيد، ايوب شان، سعيد بلوچ، يونس خاصخيلي، طالب ڪڇي، غلام نبي مگسي، جمشيد زهراڻي، سامي ميمڻ ۽ ٻين گڏجي گلابن سان ڍڪيل ڪتاب کي مهورت ڪيو تقريب کي خطاب ڪندي فاطمه مجيد چيو ته ايوب شان نه صرف منهنجو، پر ابراهيم حيدري ۽ ڪراچي سامونڊي پٽي جي سڀني سماجي ڪارڪنن جو استاد آهي. هن جون لکڻيون مهاڻن جي زندگيءَ جي مشڪلاتن، تڪليفن ۽ جدوجهدن کي پڌرو ڪن ٿيون. هن کان اڳ سندس ڪتاب ننڊ نه ڪجي ناکئا وڏي اهميت وارو هو ۽ هاڻ ماهيگر اور سوشل موومنٽ به مهاڻن جي مسئلن کي اجاگر ڪري ٿو.ايوب شان تقريب کي خطاب ڪندي چيو مون پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي ڏٺو، ڀوڳيو ۽ محسوس ڪيو، انهن کي لفظن ۾ قيد ڪري ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. لکڻ ايترو ڏکيو ڪم ناهي، پر غريب ليکڪن لاءِ ڇپائي جو خرچ ۽ ڪتاب عوام تائين پهچائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پر جڏهن اهڙي عزت ۽ ساراهه ملي ٿي ته سڀ ڏک، غم ۽ ٿڪ ختم ٿي وڃن ٿا، غلام نبي مگسي چيو ته ايوب شان ۽ سندس ساٿي مهاڻن جي حقن جي آواز بڻيا آهن، جڏهن ته فشرفوڪ جي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ چيو ته هي ڪتاب سامونڊي پٽي جي حقيقي تصوير پيش ڪري ٿو. طالب ڪڇي به پنهنجي خطاب ۾ ايوب شان جي جدوجهد کي خراج پيش ڪيو ۽ چيو ته ليکڪ جا لفظ پاڻ ۾ هڪ تحريڪ جو درجو رکن ٿا تقريب ۾ نامياري شاعره ساجدہ ميمڻ، سليم جي ميمڻ، مجيد موٽاڻي، جسم اڳواڻ امداد چاچڙ ۽ ٻين اديبن ۽ ڪارڪنن پڻ خطاب ڪيو. آخر ۾ عوامي پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ سياسي سماجي شخصيتن طرفان ايوب شان ۽ فاطمه مجيد کي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا، جڏهن ته ايوب شان جي فرزند لوڪ راڳي اظهر شان ۽ ٻين مقامي فنڪارن مهاڻن جي زندگيءَ تي ٻڌل روايتي گيت پڻ پيش ڪيا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ليکڪ ۽ شاعر ايوب شان خاصخيلي
ملير
0 تبصرے