English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسرائيل عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آھي. اسرائيلي دھشتگردي ۾ ھزارين معصوم ماڻھو شھيد ٿيا: اياز لطيف پليجو
181 views
|
16th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي مختلف اسپتالن ۾ آغا روشنا پٺاڻ، منظور سمون ۽ پارٽي اڳواڻ رمضان رند جي نياڻي جي عيادت ڪئي
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي حيدرآباد ۾ حاجياڻي اسپتال پھچي سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري آغا روشنا پٺاڻ، پنگريو حادثي ۾ زخمي ٿيل قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رمضان رند جي نياڻي جي ھاشمي اسپتال حيدرآباد ۽ سول اسپتال حيدرآباد ۾ منظور سمون جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، نظير بليدي ۽ ربڏنو ملڪ گڏ ھئا.ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ اسرائيل عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آھي. اسرائيلي دھشتگردي ۾ ھزارين معصوم ماڻھو شھيد ٿيا آھن. معصوم ماڻھن جو قتل عام روڪڻ ۽ عالمي امن لاءِ سڀني ملڪن کي اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسرائيل دنيا کي جنگ جي باھ ۾ اڇلائي رھيو آھي. اسرائيلي جارحيت انسانيت خلاف آھي. دنيا کي جنگ نہ امن جي ضرورت آھي. آمريڪا ۽ برطانيا اسرائيلي جارحيت کي ھٿي ڏئي عالمي امن جي خلاف ڪم ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ عالمي طاقتون امن لاءِ ڪردار ادا ڪن. اقوام متحده خاموشي ٽوڙي. اسلامي ملڪ اڳتي اچن.آمريڪا، برطانيه ۽ اسرائيل جي جنگي جنون کي نہ روڪيو ويو تہ تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگھي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسرائيل فلسطين ۾ ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي. سڄي جنگ مسلمان ملڪن جي وسيلن تي قبضي لاءِ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان جا حڪمران آئي ايم ايف جي ھدايت تي غريب دشمن معاشي پاليسيون جوڙي رھيا آھن. مھانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالون ڪرپشن جي ڪمائي جو وڏو ذريعو بڻيل آھن. تعليمي نظام درھم برھم آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال سنڌ دشمن منصوبا آھن، ڪنھن بہ ريت زمينن تي قبضا ۽ درياھ تي ڌاڙا برداشت نہ ڪيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجي
اسرائيل عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آھي
0 تبصرے