English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسرائيل عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آھي. اسرائيلي دھشتگردي ۾ ھزارين معصوم ماڻھو شھيد ٿيا: اياز لطيف پليجو
views
|
16th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي مختلف اسپتالن ۾ آغا روشنا پٺاڻ، منظور سمون ۽ پارٽي اڳواڻ رمضان رند جي نياڻي جي عيادت ڪئي
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي حيدرآباد ۾ حاجياڻي اسپتال پھچي سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري آغا روشنا پٺاڻ، پنگريو حادثي ۾ زخمي ٿيل قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رمضان رند جي نياڻي جي ھاشمي اسپتال حيدرآباد ۽ سول اسپتال حيدرآباد ۾ منظور سمون جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، نظير بليدي ۽ ربڏنو ملڪ گڏ ھئا.ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ اسرائيل عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آھي. اسرائيلي دھشتگردي ۾ ھزارين معصوم ماڻھو شھيد ٿيا آھن. معصوم ماڻھن جو قتل عام روڪڻ ۽ عالمي امن لاءِ سڀني ملڪن کي اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسرائيل دنيا کي جنگ جي باھ ۾ اڇلائي رھيو آھي. اسرائيلي جارحيت انسانيت خلاف آھي. دنيا کي جنگ نہ امن جي ضرورت آھي. آمريڪا ۽ برطانيا اسرائيلي جارحيت کي ھٿي ڏئي عالمي امن جي خلاف ڪم ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ عالمي طاقتون امن لاءِ ڪردار ادا ڪن. اقوام متحده خاموشي ٽوڙي. اسلامي ملڪ اڳتي اچن.آمريڪا، برطانيه ۽ اسرائيل جي جنگي جنون کي نہ روڪيو ويو تہ تمام وڏو انساني الميو جنم وٺي سگھي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسرائيل فلسطين ۾ ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي. سڄي جنگ مسلمان ملڪن جي وسيلن تي قبضي لاءِ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان جا حڪمران آئي ايم ايف جي ھدايت تي غريب دشمن معاشي پاليسيون جوڙي رھيا آھن. مھانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالون ڪرپشن جي ڪمائي جو وڏو ذريعو بڻيل آھن. تعليمي نظام درھم برھم آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال سنڌ دشمن منصوبا آھن، ڪنھن بہ ريت زمينن تي قبضا ۽ درياھ تي ڌاڙا برداشت نہ ڪيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجي
اسرائيل عالمي امن لاءِ وڏو خطرو آھي
0 تبصرے