English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي ھفتيوار دستوري گڏجاڻي يونس خاصخيلي جي صدارت هيٺ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿي گذري
232 views
|
16th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڪاروائي اصغر مھرائي ھلائي، شاخ جي ڪامياب پروگرامن کي ساراهيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي ھفتيوار دستوري گڏجاڻي نالي واري سماج سڌارڪ قومي اڳواڻ محترم يونس خاصخيلي جي صدارت ۾ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ٿي جنهن جي ڪاروائي شاخ جي سيڪريٽري اصغر مھرائي ھلائي،گڏجاڻيءَ ۾ شاخ جي ڪامياب پروگرامن کي ساراهيو ويو ۽ آئنده به اھڙي نئين طرز سان جديد پروگرام ڪرڻ جو وچن ڪيو ويو .ان موقعي تي صدارتي راء ڏيندي يونس خاصخيليءَ چيو ته ملير شاخ ھن وقت ڪراچيءَ اندر تمام سٺو ڪم ڪري رھي آھي شاخ ملير وٽ تمام سٺا شاعر دوست موجود آھن جيڪي پنھنجي شاعريءَ جي ذريعي عوام ۾ شعور پيدا ڪري رھيا آھن اڄوڪي گڏجاڻيء مونکي تمام گھڻو اتساھ ڏنو آھي.جڏھن ته اديب رجب ڀنڊ چيو ته ھن وقت سنڌ ۾ تمام سٺي شاعري ٿي رھي آھي گڏجاڻي ۾ تنقيد لئه نڪور تخليقون پيش ڪيون ويون جنهن تي راءِ ڏيندي غفور شاھ چيو ته جنھن شاعر وٽ درد ناھي اھو شاعر ناھي، درد ئي شاعري لکائي ٿو، اڄ جي شاعرن جي شاعريءَ م نواڻ آھي ۽ نوجوان نوان نوان استعارا استعمال ڪري رھيا آھن.گڏجاڻيءَ ۾ سڪندر سرواڻ سومرو ، قمبر ٻٽ، عنايت شاھ، سامي ميمڻ، جمشيد زھراڻي لعل محمد پنھور رجب ڀنڊ۽ ٻين دوستن شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير
دستوري گڏجاڻي
0 تبصرے