English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشنِ حديد ۾ ٽٽل روڊ، پاڻي نيڪال جو نظام ناڪارا بڻيل
162 views
|
17th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گندو پاڻي روڊن رستن تي بيهڻ سبب روڊ کنڊر بڻجي ويا، رهواسي پريشان
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشنِ حدید ۾ شهري مسئلا سنگين شڪل اختيار ڪري ويا آهن۔ علائقي جا روڊ ٽٽل آهن، نيڪال جو نظام خراب آهي ۽ عوامي فنڊن هيٺ ڪيا پيا وڃن جي رهواسي سخت پريشان آهن سماجي تنظيم سنڌ سماجي ساٿ موجوده صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي شفافيت ۽ احتساب جو مطالبو ڪيو آهي۔ تنظيم جي چيئرمين غلام نبي مگسي، ايڊووڪيٽ ذيشان قاضي، ممتاز علي ناريجو ۽ سماجي ڪارڪن اياز علي خاصخيلي چيو ته ماڻهن کي بنيادي سهولتن کان محروم رکڻ ظلم آهي۔ايڊووڪيٽ ذيشان قاضي موجب هر سال وڏو بجيٽ رکيو ويندو آهي پر ساڳيون روڊون بار بار ٺهنديون آهن ۽ ٿوري برسات يا کوٽائي بعد ٻيهر ويهي پونديون آهن۔ رهواسين جو الزام آهي ته ترقياتي فنڊز صرف ضايع نٿا ٿين پر کليل عام لٽيا وڃن ٿا تازن ڏينهن ۾ فیز ون جي مرڪزي روڊ غيرقانوني سيوريج جي ڪم سبب ويهي وئي، جنهن سبب هزارين ماڻهو ڪلاڪن تائين گئس کان محروم رهيا۔ ان واقعي کان پوءِ شهرين قومي شاهراهه بند ڪري احتجاج ڪيو، پر ڪنهن به اداري طرفان جاچ نه ٿي ماهرن جو چوڻ آهي ته هي معاملو نااهلي نه پر بدعنواني آهي۔ نامور ماهر تعمير عارف حسن موجب ترقياتي منصوبا بغير شفافيت جي ڏنا وڃن ٿا ۽ بغير جاچ جي مڪمل ظاهر ڪيا وڃن ٿا رهواسين جو چوڻ آهي ته اهڙي صورتحال ۾ سندن زندگي عذاب بڻجي وئي آهي۔ ٽٽل روڊ سبب اسڪولي ٻار ۽ ايمبولينسون متاثر ٿين ٿا، جڏهنتہ بنيادي سهولتن جي کوٽ روزاني زندگي کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي۔ريٽائرڊ اسٽيل ملز ورڪر خليل احمد شڪايت ڪندي چيو اسان ووٽ ته ڏيون ٿا، پر اسان جي زندگي کي اذيتناڪ بڻايو ويو آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
گلشنِ حدید ۾ شهري مسئلا سنگين
0 تبصرے