English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي سنڌ جي دل آهي. سنڌ کي ورھائڻ جي ڳالھ پاڪسٿان کي ٽوڙڻ جي سازش آھي. اياز لطيف پليجو
156 views
|
21st Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پليجي پاران خالد مقبول صديقي جي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ سنڌ کي ٽوڙي نئون صوبو ٺاهڻ واري بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ ۽ سنڌ کي ٽوڙي نئون صوبو ٺاهڻ واري بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي تہ ڪراچي سنڌ جي دل آهي. سنڌ کي ورھائڻ جي ڳالھ پاڪسٿان کي ٽوڙڻ جي سازش آھي. عالمي سامراجي طاقتون پاڪستان کي ٽوڙي نئون اسرائيل بنائڻ چاھين ٿيون. جيڪو بہ نئين صوبي جي ڳالھ ڪري ٿو اھو انھي سازش جو حصو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ شھباز شريف، آصف علي زرداري ۽ سنڌ حڪومت سنڌ ٽوڙڻ جا مطالبا ڪندڙ ايم ڪيو ايم جا سھولتڪار نہ بڻجڻ سنڌ ٽوڙڻ جي مطالبو ڪندڙ خالد مقبول صديقي تي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم کي فوري طور وفاقي حڪومت کان ڌار ڪيو وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي اسان کي سڀني انسانن سان پيار آھي پر اسان کي پنھنجي وطن سان سڀني کان وڌيڪ پيار آھي. سنڌ اسان جي آھي. سنڌ جي وحدت تي ڪو بہ وار برداشت نہ ڪنداسين.اياز لطيف پليجي چيو تہ ايم ڪيو ايم ميل گھوڙو آھي، اسٽيبلشمينٽ جي مھري کان وڌيڪ انھن جي ڪا حيثيت ناھي. اردو ڳالھائيندڙ سنڌ جو حصو آھي. اھي نفرت ۽ تعصب جي سياست کي رد ڪن ٿا. ايم ڪيو ايم اقتدار جي عروج تي پھچڻ باوجود ڏوھن، منشيات، ميرٽ جي تباھي ۽ ڪرپشن کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ پاڪستان جي خليقڪيندڙ آھي. پنج ھزار سال پراڻي تھذيب رکندڙ سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي، سنڌ سنڌين جو وطن آھي. امن، محبت، رواداري اسان جي تھذيب جو حصو آھن. ملڪ کي ٽڪراءَ ۽ انتشار واريون پاليسيون تباھي کانسواءِ ڪجھ بہ نٿيون ڏئي سگھن. ان ڪري ايم ڪيو ايم کي سامھون آڻي سنڌ دشمن ايجنڊا سازش جوڙيندڙ ٻڌي ڇڏين تہ صوبي جي نالي ۾ سنڌ کي ٽوڙڻ نه ڏينداسين. سنڌ ھڪ آھي، ھڪ رھندي. سنڌ آھي تہ پاڪستان آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. جيڪڏھن 27 ھين ترميم ۾ سنڌ دشمن شق کي شامل ڪيو ويو تہ 7 ڪروڙ سنڌ جا ماڻھو رستن تي ايندا. انڪري ملڪ کي وڌيڪ بحران ۾ وجھڻ کان. باز اچو. ايم ڪيو ايم جا ھٿ معصوم ماڻھن جي خون ۾ رنگيل آھن. ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمن سازشن کي بند ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي ڀلي سنڌ ٽوڙڻ وارين سازشن تي خاموش ھجي پر سنڌ جي ماڻھن کي اقتدار کان وڌيڪ پنھنجو وطن عزيز آھي. اھڙو ڪو بہ دستور ھلڻ نہ ڏنو ويندو جيڪو سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن پسمنظر ۾ ھجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ
خالد مقبول صديقي
0 تبصرے