English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيدرآباد ۾ يوسف لغاري جي ڪتاب عشق زنده آباد جي مهورت تقريب، اياز لطيف پليجو ۽ ٻيا شريڪ
194 views
|
21st Sep 2025
•
سنڌي خبرون
علم، ادب، شاعري کان ثقافت کان سواءِ قومون کوکليون ھونديون آهن: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سنڌ ميوزيم ۾ شاعر يوسف لغاري جي ڪتاب عشق زندھ باد ڪتاب جي مھورت واري تقريب ۾ مھمان خاص طور شرڪت ڪئي.ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ علم، ادب، شاعري کان ثقافت کان سواءِ قومون کوکليون ھونديون آهن. سنڌ ۾ علم جي روشني ھجي، سياسي ادب، انقلابي شاعري مايوسي مان ڪڍي ٿي سنڌ جي نوجوانن کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي،رسول بخش پليجو، جي ايم سيد، شيخ اياز، آريسر، رشيد ڀٽي، امرجليل، سراج ميمڻ، استاد بخاري،سرويچ سجاولي، ابراھيم منڇي، فيض احمد فيض، احمد فراز، نيشن منڊيلا، اردو ادب پڙهڻ گهرجي. سنڌي ماڻھو امن پسند، ترقي پسند، روشن خيال، علم دوست، انسان دوست، موسيقي ۽ رقص سان پيار ڪندڙ آھن. سنڌي ماڻهن کي مايوسي ۽ خيالي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي دنيا ۾ اچڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ خطرن جو مقابلو علم، تعليم، ڄاڻ، ٽيڪنالاجي ۽ سائنس سان ٿيندو. جيڪڏھن بدلجندڙ دنيا سان گڏ پاڻ کي تبديل نہ ڪيوسين، پاڻ علم ۽ ٽيڪنالاجي جو رستو نہ ورتو تہ ھي دنيا ڏاڍي ظالم اٿو۔ تبديلي چاھي پاڻ کي آسمان جي بلندين تي کڻي وڃي تبديلي چاھي تہ زمين تي ڌوڙ ڪري پيرن ۾ چٿي ڇڏي۔ سنڌيو پاڻ کي علم سان تبديل ڪيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سائنس دلربا آھي، سائنس محبوبہ آھي، سائنس سان دشمني نہ ڪجو.. جن سائنس سان دشمني ڪئي، اُھي تباھ ۽ برباد ٿي ويا. اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگا فون، ڪپڙا ۽ دعوتون ڪنھن بہ شخص جي لئي ۽ ان جو شو وڌائين ٿا. ڪتابن جو مطالعو، علم، عقل، سائنس، تعليم ۽ تحقيق ڪردار سازي ڪري ٿي. سفر ڪرڻ سان دماغ وسيع ٿين ٿا. شوبازي ۽ لئي عارضي آھي، علم، عقل ۽ تجربو جٽادار آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪرپشن جي منڊي بنائي نوجوانن کان اميد کسي وئي آھي. ميرٽ جو قتل ڪري نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن. نوجوانن جو استحصال سنڌ جو استحصال آھي. نوجوان خاموش نہ ويھن. ميرٽ جي لتاڙ خلاف رستن تي اچن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد ۾ يوسف لغاري جي ڪتاب
ڪتاب عشق زنده آباد
0 تبصرے