English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير طرفان ريڙهي مياڻ لڳ سمنڊ جي وچ سير ۾ مشاعرو
145 views
|
22nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
هوڙن تي شاعرن، اديبن، لوڪ راڳين ۽ سماجي ڪارڪنن طرفان سنڌي سمنڊ کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير طرفان ريڙهي مياڻ لڳ سمنڊ جي وچ سير ۾ هوڙن تي شاعرن، اديبن، لوڪ راڳين ۽ سماجي ڪارڪنن طرفان سنڌي سمنڊ کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪري مشاعري جي محفل منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي پروگرام جي صدارتي مهمان سنڌي توڙي اردو جي نامياري شاعر اقبال شاهين خطاب ڪندي چيو ته سمنڊ جي اهميت انهن ملڪن کان پڇجي جتي سمنڊ جو وجود ئي نه آهي، اسان جي ملڪ جي انوارمينٽ ڊپارٽمينٽ جي بي ڌياني سبب سنڌي سمنڊ ۾ گٽر جي گندي پاڻي، فيڪٽرين جي ڪيميڪل زهر آلود پاڻي جي ڇوڙ جي ڪري نه صرف سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ گدلاڻ ٿي آهي پر پاڻي زهر آلود ٿي ويو آھي جنهن جي ڪري مڇي ۽ ٻي آبي جيوت سان گڏ ماهيگير پڻ وڏو متاثر ٿيا آهن، پاڻي ۾ شڪار سانگي لهڻ سبب ڪيترائي ماهيگير چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، قومي عوامي انقلابي ۽ رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي خطاب ڪندي چيو ته خوشحال مهاڻا اڄ بدحال ٿي ويا آهن، مهاڻن جي روزگار تي اثر انداز ٿيندڙ فيڪٽرين ۾ ريڙهي مياڻ جي ڳوٺاڻن کي روزگار ته نه ڏنو ويو، پر انهن فيڪٽرين طرفان ريڙهي مياڻ يا آس پاس ۾ متاثر ٿيندڙ مهاڻن جي علاج لاءِ ڪا اسپتال به نه ٺهي سگهي آهي، ريڙهي جي سماجي اڳواڻن جمن شاهه ۽ الله ڏنو جت چيو ته تمر جي ٻيلن جي واڍي کي روڪڻ جي سخت ضرورت آهي ڇو ته تمر جو وڻ سمنڊ ۾ ايندڙ خطرن سامونڊي طوفانن کان ڪناري تي آباد شهرن ۽ ڳوٺن لاءِ مضبوط پناهگاهه سان گڏ مڇي جي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، هنن چيو سامونڊي پٽي ۾ منشيات جي واهپي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي ڇو ته منشيات سبب ڪيترائي قابل نوجوان تباهه ۽ برباد ٿي ويا آهن، جڏهن ته پروگرام جي ٻئين نشست۾ مشاعري جي محفل منعقد ڪئي وئي، مشاعري ۾ پروگرام جي خاص مهمان اردو، سنڌي ۽ بلوچي جي شاعر جبار غريب، مظهر ورياڻي، ريڊيو جي نامياري براڊ ڪاسٽر ليکڪ ۽ شاعر سڪندر سرواڻ، جمشيد زهراڻي، سيد غفور شاهه تقوي، اقبال شاهين، مجيب سنڌي، قمبر ٻٽ، اصغر مهرائي ۽ ٻين پنهنجي لکڻين ذريعي سمنڊ کي لفظن شاندار ڀيٽا پيش ڪئي ۽ لوڪ راڳين عبدالخالق ڀٽي ۽ نويد شيخ پنهنجي خوبصورت آواز ۾ قومي عوامي گيت ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جڏهن ته پروگرام ۾ سماجي اڳواڻن اللہ ڏنو جت، الله ورايو جوکيو، سيد جمن شاهه، عزيز جت ،امير احمد جت، صفدر جت، عبدالغني ورياڻي، قاسم شيخ، غلام نبي جت ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير
سنڌي سمنڊ کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي
0 تبصرے