English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
6 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور واري رپورٽ ڳڻتي جوڳي آهي: اياز لطيف پليجو
views
|
26th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران پاڪستان ۾ غربت بابت ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ تي ڳڻتي ظاهر
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پاڪستان ۾ 6 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذارڻ واري ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ الميو آھي تہ حڪومتون تبديل ٿين ٿيون پر معاشي پاليسي تبديل نٿي ٿئي، جنھنڪري ھر حڪومت ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو ٿيو آھي، حڪومت ورلڊ بئنڪ جي رپورٽ جي آئيني ۾ پنھنجي معاشي ڪارڪردگي ڏسي. معاشي پاليسيون پورھيت دشمن، ھاري دشمن ۽ جو غريب دشمن آھن، ملڪ جي دولت ۽ وسيلن تي حڪمران، سرمائيدار ۽ جاگيردار طبقي جو قبضو آھي، ھاري، مزدور، پورھيت بنيادي سھولتن سميت قانوني انساني حقن کان به محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي انارڪي پيدا ڪندي آھي. حڪمران ٻين ملڪن ۾ خراب معاشي پاليسين سبب عوامي بغاوت مان سبق حاصل ڪن. موجود حڪمران خراب حڪمراني جو تسلسل ثابت ٿي آھي. سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حالتون خراب آھن، ڪرپشن سمورن کاتن کي اڏوھي بنجي کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. صحت، تعليم، امن، روزگار سميت بنيادي سھولتون ناھن. مھانگائي ماڻھن کان 2 وقت جي ماني کسي ورتي آھي. زراعت جي تباھي سبب آبادگار ۽ ھاري بدترين حالتن جو شڪار آھن. لکين نوجوان بيروزگاري جو شڪار آھن، مايوسي سبب خودڪشين جا واقعا پيش اچن ٿا. سرڪاري تعليمي نظام درھم برھم آھي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ بھتر علاج جون سهولتون ناھن، جنھنڪري پرائيويٽ تعليمي سسٽم ۽ پرائيويٽ اسپتالون وڏو ڪاروبار بنجي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت معاشي پاليسيون عوام دوست بنائي. ڪرپشن ۾ ملوث وزيرن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪيو وڃي. بنيادي سھولتون ۽ قانوني حق ڏنا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز
0 تبصرے