English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڪاٺوڙ ۽ ڀرپاسي جي 60 کان وڌيڪ ڳوٺن جي 26 ڏينهن کان بجلي بند
views
|
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٻن مهينن کان بجلي بند هجڻ سبب پيئڻ جي پاڻيءَ جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي: رهواسي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪاٺوڙ ۽ ڀرپاسي جي لڳ ڀڳ 60 ڳوٺن ۾ 26 ڏينهن کان بجلي بند هجڻ سبب رهواسين جو صبر جواب ڏئي ويو ان سلسلي م ڳوٺاڻن ڪاٺوڙ شهر کان موٽر وي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي جنهن جي اڳواڻي جان شير جوکيو، غفار ڪاڇيلو، طارق بلوچ، فريد بلوچ، خادم ڇٽو ۽ حاجي امير جوکيو ڪري رهيا هئا احتجاج ۾ شرڪ ڪندڙن ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، مهينن کان بجلي بند هجڻ سبب پيئڻ جي پاڻيءَ جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي، روزگار ۽ ڪاروباري سرگرميون بُري طرح متاثر ٿي رهيون آهن، جڏهن ته ماڻهو باقاعدگي سان بجلي جا بل ڀرين ٿا پر انهن کي بجلي کان محروم رکيو وڃي ٿو احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته جڏهن هو موٽر وي تي احتجاج ڪن ٿا ته سندن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا، پر مسئلو حل نٿو ٿئي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن 3 ڏينهن اندر بجلي بحال نه ڪئي وئي ته موٽر وي مڪمل طور بند ڪئي ويندي ۽ احتجاج کي وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو احتجاج ڪندڙ رهواسين جو مطالبو هو ته فوري طور تي بجلي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي ۽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي ڳوٺاڻن جي بنيادي ضرورتن کي نظرانداز ڪرڻ کان روڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ڪاٺوڙ ۽ ڀرپاسي جي لڳ ڀڳ
0 تبصرے