ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا

ڊي سي جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنرن پئٽرول پمپن جا دورا ڪيا

ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا

ٺٽو(شفيق ڀٽي)عوامي شڪايتن ء ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي هدايتن تي ضلعي اندر پيٽروليم شين جي نون مقرر ڪيل اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنرن مختلف علائقن ۾ پيٽرول پمپن جا دورا ڪري اگھن جو تفصيلي جائزو ورتو.اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم شهر جي مختلف پيٽرول پمپن جو معائنو ڪندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي سرڪاري اگهن مطابق وڪري جي تصديق ڪئي. معائني دوران ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙي سامهون نه آئي. هن پمپ مالڪن کي هدايت ڪئي ته اوگرا طرفان جاري ڪيل اگھن واري لسٽ نمايان جاءِ تي لڳائي وڃي۽ صارفين کي مقرر ڪيل اگهن تي معياري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. گھارو جي مختلف پيٽرول پمپن جي دوري دوران اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو نبي بخش سولنگي ڪجهه هنڌن تي معمولي اضافي اگهن جي نشاندهي ڪئي، جنهن تي فوري طور درستگي جون هدايتون جاري ڪندي خبردار ڪيو ويو ته ٻيهر ڀڃڪڙي جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪيٽي بندر جي شهر ٻگھاڻ ۽ ڪيٽي بندر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ساجد پھوڙ پيٽرول پمپن جو معائنو ڪيو، جتي سڀني پمپن تي قيمتون سرڪاري نوٽيفڪيشن مطابق ڏٺيون ويون. هن چيو ته عوامي رليف لاءِ نگراني جو عمل جاري رهندو. گھوڙاٻاڙي تعلقي ۾ به اسسٽنٽ ڪمشنر سورٺ مظھر مختلف پيٽرول پمپن جو دورو ڪندي قيمتن جي جانچ ڪئي، جتي سڀني هنڌن تي نئين گهٽ ڪيل سرڪاري اگهن تي عملدرآمد نظر آيو. ضلعي انتظاميه واضح ڪيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن جي سخت نگراني جاري رهندي ۽ عوامي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ قدم کنيا ويندا ته جيئن شهرين کي سرڪاري اگهن تي تيل جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.