English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوجوان آرٽيفشل انٽيليجنس، سائنس، ميٿس ۽ ٻين علم ذريعي سنڌ کي بچائين. مستقبل کي بچائين: اياز لطيف پليجو
48 views
|
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجو خاص مهمان طور ڊاڪٽر زرتاب محمود ڪاتيار، ڊاڪٽر زرقا الھورايو ڪاتيار سميت 50 نياڻين کي ايوارڊ ڏنا
حيدرآباد(بيورو)ھيلٽن ونگز آف اينويشن پاران لطيف آباد حيدرآباد پاران ڇوڪرين جي حوصلا افزائي لاءِ سالياني ايوارڊ تقريب ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شرڪت ڪئي، بھترين ڪارگردي تي ڊاڪٽر زرتاب محمود ڪاتيار، ڊاڪٽر آف فارميسي زرقا الھورايو ڪاتيار سميت سنڌ جي 50 نياڻين کي ايوارڊ کي ايوارڊ ڏنا. ان موقعي تي ايوارڊ کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ ناليواري قانوندان اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ تعليم سان ئي معاشري ۾ سجاڳي اچي ٿي. آئون سنڌ جي نياڻين ۽ نوجوانن کي اپيل ٿو ڪريان تہ ٽڪ ٽاڪ ۽ سوشل ميڊيا غير معياري سرگرمين تي وقت ضايع ڪرڻ بجاءِ علم حاصل ڪن، ڇوتہ علم ئي بيداريءَ جو ذريعو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ھڪڙي قابل نوجوان، ھڪڙي باصلاحيت نياڻيءَ کان جڏھين سندس روزگار جو حق کسيو ٿا، انھن جي محنت ۽ ميرٽ جو سودو ڪيو ٿا تہ اھو صرف ان ھڪ فرد نہ سڄي خاندان جي مسقبل جو قتل آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ نوجوان علم ۽ ميرٽ سان سنڌ جون واڳون سنڀالين.سنڌ جا نوجوان اڪيڊمڪ پڙھائي سان گڏ ادب پڙھن، تاريخ پڙھن، شاعري پڙھن، سائنس پڙھن، ان سان اسين دنيا ۾ مٿانھين زندگي گذارينداسين. پاڻ کي ڌرتي ۽ انسانن سان جوڙينداسين. اڪيلا اڪيلا رڳو پئسن لاءِ نہ جيئنداسين. ادب ۽ تاريخ ڌرتي، سماج ۽ دنيا سان جوڙين ٿا.جيڪڏھن ٻولي نہ ھوندي، ڪلچر نہ ھوندو، ادب نہ ھوندو، موسيقي نہ ھوندي تہ اھي اندران کالي ھوندا، کوکلا ھوندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ نوجوان سنڌ جو مستقبل آھن. آرٽيفشل انٽيليجنس، سائنس، ميٿس ۽ ٻين علم ذريعي سنڌ کي بچائين. مستقبل کي بچائين. بيڊ گورننس ۽ ڪرپشن سنڌ کي خطري ۾ آڻي ڇڏيو آھي.اياز لطيف پليجي ملڪ جي ڪا بہ يونيورسٽي عالمي معيار جي آھي تعليم، سائنس ۽ ترقي حڪمرانن جي ايجنڊا ناھي. ڪرپشن، ڦرلٽ، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ ملڪ دشمن پاليسيون جوڙڻ دستور بنجي ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ موجوده حڪمران پھريون ڀيرو اقتدار ۾ ناھن آيا، آھي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بار بار مسلط ڪيا ويا آهن، جنھن جو نتيجو آھي جو دنيا جي ٽاپ 350 يونيورسٽين ۾ پاڪستان جي هڪ بہ يونيورسٽي شامل ناهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ موجود يونيورسٽين ۽ تعليمي نظام جو سنڌ ۾ وڌيڪ ٻيڙو ڀڏل آھي. پنجاب ۽ اسلام آباد جون يونيورسٽيون ۽ اتي جو تعليمي نظام سنڌ کان تمام گھڻو بھتر ۽ اڳتي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھزارين اسڪول بند پيا آھن. يونيورسٽيز مان شاگردياڻين جا لاش ملن ٿا. سھولتون ناھن. تعليمي معيار ناھي. شاگرد ناانصافين جو شڪار آھن. ڪرپشن ۽ بدعنواني يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا شاگرد پڙھڻ چاھين ٿا پر انھن لاء معياري لائبرريون ناھن. جيڪي لائبريريون موجود آھن انھن ۾ شاگردن جي ويھڻ جي گنجائش ناھي. تقريب ۾ مختلف علائقن مان آيل سماجي اڳواڻن، استادن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ايوارڊ حاصل ڪندڙ نياڻين کي ڀرپور داد ڏنو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Dec 2025
•
سندھ
کراچی؛ اورنگی ٹاؤن میں مکان کا کرایہ مانگنے پر کرائے داروں نے خاتون کی جان لے لی، قاتل میاں بیوی گرفتار
15th Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں چینی کی قیمت میں 50 روپے کی بڑی کمی
15th Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں دن دیہاڑے ڈکیتی، مزاحمت پر 2 بیٹیوں کا باپ اور آن لائن رکشہ ڈرائیور قتل
15th Dec 2025
•
پاکستان
لاہور: ڈی ایس پی کی بیوی اور بیٹی کی گمشدگی کا معاملہ، ڈی ایس پی نے دونوں کو قتل کرنے کا اعتراف کرلیا
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين يومِ شهادت بابت پيپلز پارٽي جو اهم اجلاس، 27 ڊسمبر لاءِ ذميواريون مقرر
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي سيڪنڊري اسڪول ۾ "پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ" جي عنوان سان تقريب
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اصلاح المسلمين ضلع ملير، زون 2 گڏاپ جي باڊي جي چونڊ
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم اسپارڪ طرفان ماروي گرائونڊ ۾ اسپورٽس گالا منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ھيلٽن ونگز آف اينويشن
اياز لطيف پليجو خاص مهمان
لطيف آباد حيدرآباد پاران
0 تبصرے